اسلام آباد (م ڊ ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي. آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان موجب ملاقات دوران افغان شهرين جي ري سيٽلمنٽ جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾محفوظ منتقلي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ڊونلڊ بلوم ۽ انوار الحق ڪاڪڙ وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت به ڳالهيون ٿيون، ملاقات ۾ علائقائي ۽ اهم ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.