استنبول ( م ڊ ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته حماس دهشتگرد تنظيم نه پر آزادي پسند گروپ آهي جيڪا پنهنجي وطن جي تحفظ لاءِ جنگ وڙهي رهي آهي. پارليامينٽ ۾ پنهنجي پارٽي جي چونڊيل ميمبرن کي خطاب ڪندي اردگان چيو ته اسرائيل ترڪي جي نيڪ نيتيءَ جو فائدو ورتو ۽ ان ڪري هو هاڻي اسرائيل جو دورو نه ڪندو. هن اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ۽ عالمي طاقتن تي زور ڏنو ته هو غزا تي بمباري بند ڪرڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي. پنهنجي تقرير ۾ اردگان وڌيڪ چيو ته رفح سرحدي دروازي کي انساني امداد جي لاءِ کليل رکيو وڃي ۽ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. ترڪ صدر پنهنجي خطاب ۾ عالمي اسرائيل-فلسطين امن ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ چيو ته فلسطيني عوام کي ٻه رياستي حل لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي ۽ عرب رياستون ان لاءِ اخلاقي ۽ مالي سهڪار ڪن.