پي ٽي آءِ دور ۾ ترقياتي پروگرام جي رقم پروپيگنڊا لاءِ استعمال ڪرڻ جو انڪشاف

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ سرڪاري سوشل ميڊيا ٽيمن ذريعي وڏي پيماني تي پروپيگنڊا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. مليل دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته خيبرپختونخواهه جي بجيٽ ۾ هن منصوبي جي لاڳت 870 ملين رپيا رکي وئي هئي،  سالياني ترقياتي پروگرام جي آڙ ۾ سوشل ميڊيا ٽيمن کي ناڪاري ڳالهيون پکيڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو. دستاويزن موجب سوشل ميڊيا اڪائونٽس سياسي مقصدن، پروپيگنڊا مهم ۽ غلط معلومات لاءِ استعمال ڪيا ويا. دستاويزن موجب سوشل ميڊيا ٽيم جي ملازمن جي پگهار 25 هزار کان 40 هزار رپين تائين هئي ۽ پي ٽي آءِ جي رياست مخالف پروپيگنڊا ۾ شامل اڳ کان موجود 800 اڪائونٽس جي جاچ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.