لاهور ( م ڊ ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته غزا تي مسلسل بمباري ٿي رهي آهي، غزا ۾ جنگ بند نه ڪئي وئي ته ٽين عالمي جنگ جو خطرو آهي. منصوره ۾ جماعت اسلامي جي طرفان منعقد ڪيل فلسطين علماءِ ۽ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته غزا تي فاسفورس بمن جي برسات جاري آهي، غزا ۾ نه کاڌو آهي نه پيئڻ لاءِ پاڻي ۽ وري نه ئي ڪفن لاءِ ڪپڙو آهي. امير جماعت اسلامي چيو ته حماس اڳواڻن فون ڪري چيو ته 10 سيڪڙو حمايت ڏيو، ڪشمير وانگر غزا به اسان لاءِ اهم آهي، اسان گڏ آهيون، فلسطينين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته فلسطيني عوام وڏي ڏکيائي ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، اسرائيل پنهنجي پيروڪارن سان گڏ ظلم و ستم پکيڙي رهيو آهي، اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، اسرائيل سمورن عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.