ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميونسپل ڪارپوريشنس، ميونسپل ڪاميٽيز، ٽائون ڪاميٽيز ۽ يوسي سيڪريٽريز پاران عوام کي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ حڪومت پاران فراهم ٿيندڙ اربين روپين جي بجيٽ ۾ وڏي ڪرپشن جي شڪايتن تي سنڌ جي مختلف مڪاني کاتن ۾ ٿيل ڪرپشن جي نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن پاران انڪوائريون شروع ڪرڻ بعد ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڪيسن ۾ ماٺار اچڻ جي شڪايتن تي مڪاني کاتي جي نگران وزير پاران ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص سميت سنڌ جي تمام ميونسپل ڪارپوريشنس، ميونسپل ڪاميٽيز، ٽائون ڪاميٽيز جي آفيسرن مٿان نيب، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن پيشيون ڀوڳيندڙ آفيسرن ۽ نيب سان پلي بارگينينگ ڪندي ڪرپشن ڪيل رقم واپس ڪرڻ ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاءِ سندن مڪمل تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، انڪوائريون ڀوڳيندڙ آفيسرن توڙي ملازمن ۾ ٿرٿلو متل آهي، ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص جي ميئر عبدالرئوف غوري چيو ته نگران وزير پاران طلب ڪيل لسٽ مڪمل ڪري موڪلي ويئي آهي .