نگران وزير اعظم جو ميڊيا بابت بيان، سي پي اين اي پاران افسوس ۽ حيرانگي جو اظهار

ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) نگران وزيراعظم انور حق ڪاڪڙ جي تازي پريس بريفنگ  ۾ ميڊيا جي آزادي بابت سوالن کي سرڪاري اشتهارن سان ڳنڍڻ تي افسوس ۽ حيرانگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي ميڊيا جي حوالي سان ڄاڻ اڻپوري ۽ ناقص آهي،  ايئن لڳي ٿو نگران وزيراعظم کي ميڊيا جي حوالي سان گمراهه ڪندڙ معلومات ڏني وئي آهي. سي پي اين اي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب ميڊيا کي صحافت جي آزادي جي جنگ به وڙهڻي آهي ۽ منهنجي پئسي سان وڙهڻي آهي، نگران وزيراعظم جي ان بيان تي وڏي تعجب جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته اخبارن ۽ رسالن ڪڏهن ڪنهن حڪومت يا وزيراعظم کان اهو مطالبو نه ڪيو آهي ته   هو ميڊيا کي ذاتي وسيلن سان نوازي، پر هر حڪومت ۽ هر اداري کي پنهنجي پبلسٽي لاءِ ميڊيا جي ضرورت هوندو آهي، اشتهارن جو پئسو ڪنهن حڪمران جو نه پر عوام جي ٽيڪس جو هوندو آهي. جنهن جي اشتهارن جي مد ۾ منصفاڻي ورڇ ٿيڻ گهرجي، سي پي اين اي موجب دنيا ۾ ڪٿي به ڪا حڪومت ڪاروبار نه ڪندي آهي، نه ئي اشتهارن کي ڪنٽرول ڪندي آهي، نه ئي اها روزاني اخبارن ۽ رسالن کان ادارتي معاملن ۾ رعايتون گهرندي آهي. سي پي اين اي موجب ميڊيا صحافتي آزادي ڪنهن کان خيرات ۾ نه گهري آهي پر ان جي پويان وڏي جدوجهد ۽ جاني توڙي مالي قربانيون آهن، پريس رليز موجب سي پي اين اي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي وفد 12 آڪٽوبر 2023  تي اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم ملاقات دوران اها ڳالهه به واضح ڪئي وئي هئي ته اشتهارن جي ورڇ تي ڪو اعتراض نه آهي، پر اها حڪومت جي ذميواري آهي ته هو گذريل حڪومت جي اشتهارن جي قيمتن ۾ واڌ واري فيصلي تي عمل ڪري ۽ سالن کان رهيل سرڪاري اشتهارن جا بقايا ادا ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.