عدالتي حڪم تي عمل ڪيو، پاڻ کي وزيراعظم نه سمجهو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل  نوجوان جي  گهروارن کي معاوضو نه ڏيڻ ته گهروکاتي جي فوڪل پرسن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي حڪم ڏنو ته عدالتي حڪم تي عمل ڪيو وڃي، پاڻ کي وزيراعظم نه سمجهو، عدالت گهروکاتي سنڌ جي سيڪريٽري کي ذاتي طور تي 27 نومبر تي طلب ڪري ورتو، عدالت ۾ گهروکاتي جي فوڪل پرسن چيو ته معاوضو ڏيڻ واري لسٽ ۾ حسن جو نالو نه آهي، جسٽس امجد سهتو چيو ته اوهان جو رويو سهي ناهي، غلط بيان پيا ڪريو، عدالت چيو ته اوهان وزير اعظم نه آهيو پنهنجو ڪم پورو ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.