اسلام آباد (م ڊ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سموري مُلڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران حڪومت تي سوال اُٿاري ڇڏيا. چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رُڪني بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل شاهه خاور چيو ته هاڻ ان درخواست جي ضرورت نه آهي، ڪالهه عدالت پهريان ئي اِهو معاملو اُٿاري چڪي آهي، اِها ان وقت اسان هڪ ڪوشش ڪئي هئي، ان وقت سپريم ڪورٽ 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊن ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو پوءِ اسان ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي. چيف جسٽس چيو ته اِهو ئي سڄو جهيڙو آهي، ڇا ان وقت ڪو آرڊر آف دي ڪورٽ جاري ٿيو هو؟ وڪيل شاهه خاور چيو ته اهڙي قسم جو آرڊر آف دي ڪورٽ جاري نه ٿيو هو. جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان کي ته 14 مئي چونڊن جي سُپريم ڪورٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي جي داخل ڪرڻ گهربي هئي، ڇا اوهان هيءَ درخواست داخل ڪري آئين جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش ناهي ڪئي؟ . چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪهڙي شخص سپريم ڪورٽ جي 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ واري حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي؟ چونڊن جو فيصلو ڏيندڙ بئنچ جو آرڊر آف دي ڪورٽ ڪٿي آهي؟ آرڊر اهو هوندو آهي جنهن تي سڀني ججز جون صحيحون هجن. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نگران حڪومت تي سوال اُٿاري ڇڏيا. هن فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته اِهو ٻڌايو ته نگران سرڪار ڪنهن جي ايجاد هئي؟ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 1985ع ضياءِ الحق آئيني تجديد واري آرڊر ذريعي نگران حڪومت جو تصور آندو. چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ضياءِ الحق ته پنهنجي ئي آئيني تجديد واري حڪم جي جوڻيجو صاحب کي هٽائي ڀڃڪڙي ڪئي، 1990ع ۽ 2002ع ۾ واريون چونڊون نگران حڪومتن کانسواءِ به ٿيون، نگران حڪومتن جو ڪم ڇا هوندو آهي؟ شفاف اليڪشن جو ڪم ته اليڪشن ڪميشن جو آهي، صاف شفاف چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻي آهي ته نگران حڪومت ڇو ٺاهي ويندي آهي؟ اليڪشن ڪميشن جو پوءِ ڪهڙو ڪم آهي؟ چيف جسٽس پاڪستان چيو ته نگران حڪومت جو مقصد منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي پر ان سسٽم تحت اسان هلي رهيا آهيون، سوال اِهو اُٿي ٿو ته ڇا چونڊن کان بلڪل پهرين صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ تي روڪ آهي؟ آئين تحت ته وڏي وزير جو اختيار آهي ته اسيمبلي پهرين ڏينهن ٽوڙي يا آخري ڏينهن، پارليامينٽ کي ڏسڻ گهرجي ته وقت کان پهرين اسيمبلي ٽوڙڻ سان ملڪ کي مالي مسئلن کي منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو. آخر ۾ عدالت سموري مُلڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن تي چونڊون ڪرائڻ واري درخواست واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏي.