هڪ شخص کي سيڪيورٽي نه ڏيندڙ حڪومت چونڊ ڪيئن ڪرائيندي؟: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ) نگران حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي،پنجاب پوليس سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏنو ته اليڪشن ڪميشن رمارڪس ڏانا ته گهرو وزارت جيڪڏهن هڪ شخص کي سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي ته چونڊون ڪيئن ڪرائندي؟ ڪميشن وفاقي گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو. اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل شعيب شاهين، فواد چوڌري، اسد عمر پيش ٿيا، حڪومت عمران خان کي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان تي پي ٽي آ ءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن حقيقي توهين اڄ ٿي آهي. گهرو وزارت طرفان اي آءِ جي آپريشنز پنجاب پوليس ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين بابت رپورٽ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائيندي چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرو آهي، هو پاڻ به ان جو اظهار ڪري چڪو آهي.اي آءِ جي آپريشنز چيو ته اليڪشن ڪميشن اڊيالا جيل وڃي ڪيس جي ٻڌڻي ڪري، پنڊي ڳتيل آبادي تي ٻڌل آهي، خطرن کان خالي ناهي. ان تي اليڪشن ڪميشن چيو ته اوهان ڪيئن اسان کي حڪم ڏئي سگهون ٿا ته اسان اڊيالا ۾ ٻڌڻي ڪيون، گهرو وزارت جيڪڏهن هڪ شخص کي سيڪيورٽي نٿي ڏئي سگهي ته چونڊون ڪيئن ڪرائندي؟. اليڪشن ڪميشن گهرو وزارت جي سيڪريٽري کي طلب ڪندي ٻڌڻي 13 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

”عدالتن کي تالا لڳايو“ نواز جي سزا معطلي تي پ پ جو ردعمل

لاهور(م ڊ) پنجاب جي نگران حڪومت طرفان نواز شريف جي سزا معطل ڪرڻ تي پ پ اڳواڻ حسن مرتضيٰ چيو ته جيڪڏهن اهڙا ئي فيصلا ٿيڻا آهن ته عدالتن کي تالا ڇو نٿا هنيا وڃن؟ .پ پ اڳواڻ نواز شريف کي لاڏلو پلس ۽ عمران پلس بڻجڻ جون واڌايون ڏيندي چيو ته پنجاب جي نگران سرڪار جو ن ليگ قائد جي سزا معطل ڪرڻ برو طريقو آهي. هن چيو ته نگران حڪومت هر اِهو ڪم ڪري رهي آهي جيڪيو کيس نه ڪرڻ گهرجي، نگران حڪومت ڏوهارين کي رليف ڏيڻ نه چونڊون ڪرائڻ آئي هئي ۽ نواز شريف جي سزا معطلي جي منظوري ڏيڻ نگران پنجاب ڪابينا جو ڪم ناهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن نگران حڪومت جي ان جانبداري جو نوٽيس وٺي ڇو ته هاڻي چٽو نظر اچي رهيو آهي عمران خان پلس لاءِ ميدان سجايو پيو وڃي.

نواز شريف جي عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ جي حيثيت نه آهي: شعيب شاهين

اسلام آباد ( م ڊ ) پي ٽي آءِ ترجمان شعيب شاهين چيو آهي ته  نواز شريف جي عدالت آڏو سرينڊر ڪرڻ جي حيثيت نه آهي، نواز  شريف هن وقت اشتهاري ڏوهاري آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي شعيب شاهين چيو ته عدالتون سهولتڪاري نه ڪن،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس بينچ ڪيئن تبديل ڪيو؟  پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته حفاظتي ضمانت تي عدالت غلط فيصلو ڏنو آهي، نواز شريف نيب جو جوابدار ته نه آهي جو نيب کان پڇو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.