فلسطينين جي جبري بي دخلي انسانيت خلاف ڏوهن جي عڪاسي آهي: آرمي چيف

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل عاصم منير فلسطيني سفير احمد جواد سان ملاقات ڪري غزا ۾ اسرائيلي جارحيت سبب فلسطينين جي جاني  نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف اسرائيلي فوج طرفان معصوم شهرين جي بيرحماڻي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. آرمي چيف اسرائيلي فوج پاران شهرين کي نشانو بڻائڻ، اسڪولن، يونيورسٽين، امدادي ڪارڪنن ۽ اسپتالن تي حملن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته غزا مان فلسطينين جي جبري نيڪالي انسانيت خلاف ڏوهن جي عڪاسي آهي، عالمي برادري اسرائيلي فوج کي ظلمن جي حوصلا افزائي کان روڪڻ لاءِ متحرڪ ٿئي. فلسطيني سفير سان ملاقات ۾ آرمي چيف 1967ع کان اڳ سرحد تي قائم فلسطيني رياست جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جو چوڻ هو ته اسرائيل خود غرضي ۽ تنگ نظري تحت ظلم ڪري رهيو آهي، اسرائيلي فوج جا ظلم انسانيت ۽ تهذيبي قدرن جي ڀڃڪڙي جي عڪاسي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.