فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪيون ٿا: چين

بيجنگ (م ڊ) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته چين فلسطين مسئلي جي حل جي جائز ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي کاتي مطابق چين جي پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ايمبري عبدالقادر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسرائيل ۽  فلسطين وچ ۾ جاري تڪرار تي غور ويچار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جي سمورين ڌرين کي مستقل امن لاءِ عالمي اتفاق راءِ کي هٿي وٺائڻ گهرجي ۽ چيو ته هو فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪن ٿا. وانگ يي چيو ته چين اهڙي ڪنهن به حملي خلاف آهي جنهن سان معصوم شهرين کي نقصان پهچي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.