لاهور (م ڊ ) اڳوڻو وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو صدر شهباز شريف چيو آهي ته اسلامي دنيا جي قيادت عالمي برادري سان گڏ ملي ڪري فلسطينين جي نسل ڪشي روڪي . پنهنجي بيان ۾ شهباز شريف چيو ته اسرائيل جبرو استبداد ۽ ظلم جي نتيجي ۾ ٻيڻو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي فلسطين ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي جتي پاڻي ۽ خوراڪ بند آهي بيگناهه ٻار عورتون ۽ شهري قتل ٿي رهيا آهن .
تحريڪ انصاف ڪراچي جو اڳواڻ شاهد خان خٽڪ آزاد ٿي ويو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ تحريڪ انصاف ڪراچي جي ايڊيشنل سيڪريٽري شاهدخان خٽڪ جي آزادي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، وڪيل طرفان شاهد خان جي آزادي بعد درخواست واپس وٺڻ تي ڪيس عدالت اڪلائي ڇڏيو، وڪيل جو چوڻ هو ته شاهد خان خٽڪ آزاد ٿي گهر اچي ويو آهي، عدالت کان استدعا آهي ته شاهد خان خٽڪ کي تحفظ ڏنو وڃي، عدالت تحفظ ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، ساڳي عدالت ۾ گم ٿيل شهرين جي ڪيس ۾ عدالت پوليس جي جاچ کي ناقص قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت 20 نومبر تائين لاڳاپيل ادارن کان جامع رپورٽس طلب ڪري ورتي آهي.
آمريڪا فلسطيني عوام جي حق خوداراديت لاءِ پرعزم آهي: بائيڊن
واشنگٽن ( م ڊ ) آمريڪي صدر بائيڊن چيو آهي ته آمريڪا فلسطيني عوام جي حق خوداراديت لاءِ پرعزم آهي. واشنگٽن مان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا فلسطيني عوام جي وقار ۽ حق خوداراديت لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته حماس جون دهشتگرد ڪارروايون اسان کي ان عزم کان پوئتي نٿون هٽائي سگهن.
سنڌ ڪابينا جو اجلاس 31 آڪٽوبر تي طلب
ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ڪابينا جو اجلاس 31 آڪٽوبر تي طلب ڪيو ويو آهي، نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ رٿيل ڪابينا جو اجلاس وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ اڱاري ڏينهن صبح جو 11 وڳي ٿيندو، جنهن ۾ ڪڻڪ رليز ڪرڻ جي پاليسي، هٿيارن جي لائسنس جي فيس، مائنس ڪميٽي ٺاهڻ سميت 16 نقاطي ايجنڊا تي غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويندا، ڪابينا ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊآئريڪٽر جي مقرري، هنر مندي ۽ غير هنر مند ملازمن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت سميت ٻيا معاملا به غور هيٺ ايندا.
ڊالر ٻيهر مهانگو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وچٿرو ڪاروبار
ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ واپار جو وچٿرو رجهان ڏسڻ ۾ آيو، 100 انڊيڪس 42 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 51,027 تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 497 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو جڏهن ته هيٺين سطح 50 هزار 624 هئي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 32.14 ملين شيئرز جا سودا 11.9 ارب رپين ۾ طئي ٿيا. پي ايس ايڪس جي مارڪيٽ سرمائيداري 18 ارب رپين جي گهٽتائي سان 7 هزار 415 ارب رپيا ٿي وئي آهي. ٻي پاسي پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن به اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ڊالر جي قيمت ۾ 31 پئسا واڌ ٿي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ڊالر جي قيمت 279 رپيا 43 پئسا آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڪالهه ڊالر 32 پئسا مهانگو ٿي 279 رپيا 12 پئسا تي بند ٿيو.
نقيب الله قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم جي تاريخ مقرر
ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت نقيب الله قتل ڪيس ۾ جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي 2 نومبر تاريخ مقررڪري ڇڏي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گرفتار جوابدارن کي به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گرفتار جوابدارن ۾ اڳوڻو ايس ايڇ او امان الله مروت،گداحسين، صداقت حسين، رياض احمد، راجا شميم ۽ محسن عباس شامل آهن، ڪيس جو ضمني چالان به پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڪيس ۾ رائو انوار سميت 18پوليس آفيسر ۽ اهلڪار آزاد ٿي ويا.