ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي طرفان خطرناڪ دهشتگرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي جي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري ورتو، سندس  قبضي مان هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيو ويو، سي ٽي ڊي انويسٽيگيشن پوليس پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي سان تعلق رکندڙ دهشتگرد حافظ قاسم راشد عرف بلال عرف گنجا ولد محمد عبدالرشيد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيو آهي، سي ٽي ڊي اختيارين موجب گرفتار جوابدارن گرفتاري دوران جيل مان نيٽ ورڪ هلايو جنهن ۾ عاصم ڪيپري ۽ اسحاق بوبي ذريعي صدر ۾ امجد صابري، 4 رينجرز جوان، 4 آرمي اهلڪار ۽ 4 شيعا ماڻهو ماريا ويا، گرفتار جوابدار ايم پي اي رضا حيدر جي قتل سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ قيد هو ۽ تازو ئي جيل مان آزاد ٿيو هو، گرفتار دهشتگرد پنهنجي ساٿين وسيم برودي، عبدالله، دانش، حفيظ اخلاق، پرويز، قاري عنايت ۽ عبدالله الياس تيموري سان گڏ دهشتگردن کي وڌيڪ وارداتن لاءِ سرگرم ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.