اياز لطيف سان صفدر عباسي ۽ ناهيد خان جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس جي جنرل سيڪريٽري  صفدر عباسي  ۽ ناهيد خان حيدرآباد ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ملڪ، سنڌ ۽ موجوده عالمي صورتحال جي صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان کي 75 سالن کان مسلسل تباھ ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف سخت مزاحمت ڪنداسين، ڪرپٽ حڪمران دولت ٺاهڻ ۾ مصروف آهن.پيپلز پارٽي ۽ وفاق سنڌ جي غربت ۽ تباهي کان لاتعلق آهن. سنڌ جا ادارا تباھ آھن، ڳوٺ فقير ۽ شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن.

هن چيو ته  سمورن ڪرپٽ آفيسرن، وزيرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. ادارا ۽ عدليا سنڌ ۾ ڪرپشن ۽ تباهي کان لاتعلق آهن.

ڊاڪٽر صفدر عباسي ۽ ناھيد خان چيو ته جي ڊي اي ڪرپشن خلاف ڪردار ادا ڪندي. 2018 جي ​​اليڪشن ۾ سنڌ ۾ وڏي ڌانڌلي ڪئي وئي، اسين ملڪ ۾ ميرٽ، احتساب، امن ۽ برابري چاهيون ٿا. نگران حڪومت جي نالي تي سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت جاري آهي.

هننن چيو ته  عدالتن کي گهرجي ته سنڌ جي ترقياتي منصوبن ۾ لٽ مار جو حساب وٺن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.