لاهور (عوامي آواز نيوز) نگران حڪومت ايران کان سستو پئٽرول خريدڻ ۽ ان عيوض ايران کي چانور وڪرو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
نامياري صحافي سيد عمران شفقت موجب نواز شريف جي واپسيءَ بعد چين به سي پيڪ تي ڪم تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
اسٽيبلشمينٽ جو حدف آهي ته چونڊن تائين پئٽرول 150 رپيا ليٽر ڪيو وڃي ۽ ڊالر 250 رپين تائين ڪيو وڃي، دوست ملڪ نواز شريف جي آمد جي انتظار ۾ هئا. ان جي وطن پهچڻ شرط چين سرگرم ٿي ويو آهي.
ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سي پيڪ تي گهڻو ڪم ٿي چڪو هوندو، ٿي سگهي ٿو راهداري شروع ٿي وڃي، هفتي اندر ملڪ ۾ چيني شهرين جو وڏو انگ نظر ايندو. مٿن حملن جو به خدشو موجود آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز 25 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي