لاهور (عوامي آواز نيوز) پرڏيهه فرار ٿي ويل ميجر (ر) عادل راجا ۽ سندس گهر واريءَ جي سوشل ميڊيا تي آڊيو ليڪ ٿي آهي، جنهن ۾ زال مڙس عمران خان ۽ بشريٰ بي بي بابت انتهائي غليظ ۽ بيهوده جملا ڳالهائي رهيا آهن.
آڊيو ليڪ ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ وارن جا ڪنڌ جهڪي ويا آهن. ڇو ته عادل راجا پرڏيهه ۾ ويهي سوشل ميڊيا تي عمران خان جي حق ۽ حمايت ۾ مهم هلائيندو رهيو ۽ خامو ش مجاهدن جو حوالو ڏئي رياستي ادارن کي بدنام ڪندو رهيو آهي.
صحافي مشبر لقمان موجب آڊيو ڪنهن ٽئين ماڻهون رڪارڊ ڪئي آهي ۽ عادل راجا جو اصل چهرو وائکو ڪيو آهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز 25 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي