بشريٰ بي بي جو ملاقات لاءِ پيغام، نواز شريف جو انڪار

لاهور (عوامي آواز نيوز)  عمران خان جي گهر واري بشريٰ  بي بي جو نواز شريف کي ملاقات لاءِ پيغام ميان نواز شريف ملاقات کان انڪار ڪري  ڇڏيو.

نامياري صحافي رضوان رضي موجب بشريٰ  بي بي ان کان اڳ آصف علي زرداري ۽ مولانا فضل الرحمان کي به ملاقات لاءِ پيغام اماڻيا هئا پر انهن به ساڻس ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

نواز شريف جي وطن پهچڻ بعد بشريٰ  بي بي ساڻس ملاقات  جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ پيغام اماڻيو پر نواز شريف ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز 25 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.