ملير ۾ ڪمپني مان بيدخل پورهيتن جي بحالي لاءِ صنعان قريشي جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو

ملير (ڊ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ڪراچي السنس آٽو پارٽ ڪمپني مان 70 کان وڌيڪ بيدخل ڪيل پورهيتن جي بحالي لاءِ جسقم پاران لڳل ڌرڻي ۾ پهچي ويو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سان  گڏ وڏي تعداد ۾ وڪيل ۽ سوين پورهيت السنس آٽو پارٽ ڪمپني اڳيان ڌرڻي ۾ موجود رهيا.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پورهيتن جي ڌرڻي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي جي پورهيتن سان گڏ آهيون، هن چيو ته پورهيت خدا جو دوست آهي، پوءِ ڀلي پورهيت ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندڙ هجي، ڀلي ان جو ڪهڙو به فرقو ۽ مذهب هجي، بنا فرق جي پورهيتن سان گڏ آهيون، جيستائين السنس آٽو پارٽ ڪمپني ۾ پورهيتن جا سڀ مطالبا تسليم ڪري کين بحال نه ڪيو ويو تيسين تائين جدوجهد جاري رهندي.

 هن چيو ته ڪراچي جي فيڪٽري ۾ پورهيتن سان ٿيندڙ هر ناانصافين خلاف آواز اٿاريو ويندو، فيڪٽرين اندر پورهيتن جا حق بحال نه ڪيا ويا ته سياسي ۽ قانوني جدوجهد ڪئي ويندي.

جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته هاڻي ڪراچي ۾ پورهيتن سان ناانصافيون ڪندڙ هر فيڪٽري ۽ ڪارخاني خلاف احتجاج ڪيو ويندو. جڏهن ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي پورهيتن جي حقن جي بحالي لاءِ ليبر قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ وڪيلن جي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا سڄي ڪراچي جي فيڪٽرين ۾ ليبر قانون تي عمل ڪرائيندي، جيڪڏهن ليبر قانون تي عمل نه ڪيو ويو ته پوءِ احتجاج جو رستو اختيار ڪيو ويندو.

 ان موقعي تي وڪيل فيض سمون، ساجد راڄپر، شاهنواز چنا،شفقت علي ڀاڳت، نواب لنڊ، قاضي احمد، عتيق الرحمان، جساف، جسقم جي ايم سيال، نانو ميراڻي، راشد سنڌي، فردين سنڌي منير کوسو، مختيار سومرو ٻيا ڌرڻي ۾ موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.