اسلام آباد (م ڊ ) پاڪستانين وٽ 19 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي آف شور دولت آهي، جنهن مان اڌ کان وڌيڪ رڳو دبئي ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، پاڪستانين جي مختلف ملڪن ۾ موجود اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري جو انڪشاف عالمي ٽيڪس چوري جي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي دولت ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.
اها رپورٽ اي يو آبزرويٽري تيار ڪئي آهي، رپورٽ ۾ دنيا جي ارب پتين تي گهٽ ۾ گهٽ 2 سيڪڙو انڪم ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو ويو آهي. هن طريقي سان، آمدني ۾ 250 ارب ڊالر ساليانو اضافو ٿي سگهي ٿو.
رپورٽ موجب پاڪستانين جي دولت جو اندازو 19 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي، جنهن مان 8 ارب ڊالر ڪيش، شيئرز، بانڊز ۽ سيڙپڪاري جي صورت ۾ آهن، جڏهن ته 11.2 ارب ڊالر ريئل اسٽيٽ جي شعبي ۾ لڳايا ويا آهن. اها رقم پاڪستان جي 2022 جي جي ڊي پي جو 3.6 سيڪڙو آهي.