سنڌ ۾ معدنيات، ٻيٽ ۽ وسيلا لٽجي رھيا آهن، ڦرلٽ جو حساب وٺنداسين: راشد محمود

جيڪب آباد / خانپور/ شڪارپور ( نمائندن وٽان)  جي يو آءِ جو خيرپور مان نڪتل سنڌ امن مارچ منزل طرف روان دوران، جيڪب آباد، شڪارپور، خانپور، همايون، سلطان ڪوٽ، رستم، لکي غلام شاهه، مدئجي ۽ ٻين شهرن   ۾ سنڌ مارچ جو شاندار استقبال ڪيو ويو، مختلف هنڌن تي سنڌ مارچ کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو  چيو آهي ته سنڌ ۾ 75 سالن کان حڪمراني ڪندڙن عوام کان اٽو لٽو ۽ اجهو ڦري ورتو آهي، سنڌ تي قابض بڻيل حڪمران سنڌ کي پنهنجي پيءُ جو جاگير سمجهي لُٽي رهيا آهن، حڪمرانن سنڌ کي يتيم خانو بڻائي ڇڏيو آهي، سنڌ جا ذخيرا معدنيات، ٻيٽ ۽ وسيلا ڦريندڙن کي ڪنھن به صورت ۾ معاف نه ڪيا ويندا، سنڌ امن مارچ ظالم حڪمرانن جو تڏا ويڙهه ڪندي، هاڻي انقلاب ايندو اسان جو رستو ڪير روڪي نه ٿو سگهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي يو آءِ جي ٿيندي، هن چيو ته سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ۽ ڪرم تي نه ڇڏيو ويندو، ڪچي جا ڌاڙيل هجن يا پڪي جا سردار، نواب، جاگيردارن کان سنڌ کي نجات ڏيارينداسين، سنڌ ۾ معصوم ٻارن سان زيادتين جا واقعا ٿي رهيا آهن، سردار نواب ۽ جاگيردار غريبن جي زمينن تي قبضو ڪرائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ۾ درزن کان وڌيڪ قتل ڪرائي ڇڏين ٿا، حڪمران سنڌ کي پنهنجي پيءُ جو جاگير سمجهي لُٽي رهيا آهن، حڪمران ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪري رهيا آهن ناڻو، اسپتالن جو پئسو، معدنيات، ٻيٽ، وسيلا لٽجي رھيا آهن سنڌ ۾ 75 سالن کان حڪمراني ڪندڙن جو گهيراءُ ڪيو ويندو ۽ عوام سان وڌيڪ زيادتيون برداشت ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ ۾ معصوم ٻارن سان زيادتين جا واقعا ٿي رهيا آهن، سردار نواب ۽ جاگيردار غريبن جي زمينن تي قبضو ڪرائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ۾ درزن کان وڌيڪ قتل ڪرائي ڇڏين ٿا سنڌ جو غريب عوام ٻه ويلا ماني لاءِ ترسي پئي پر انهن جي ووٽن تي اقتدار جو مزو ماڻيندڙ کرب پتي بڻجندا پيا وڃن، هن چيو ته سنڌ ۾ غريبن کي مفت ۾ اٽو ڏيڻ لاءِ ڪڻڪ جي خريداري جي نالي تي هڪ سال ۾ 77 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي، تعليم جي نالي تي ساڍا 5 کرب روپيا ھڙپ ڪيا ويا پر اڄ به سنڌ ۾ 60 لک ٻار تعليم کان محروم آهن، سنڌ ۾ منشيات عام ٿي وئي آهي، ضلعي جيڪب آباد ۾ پوليس مٿان 2 ارب 5 ڪروڙ 66 لک خرچ ڪيو ويو پر امن قائم نه ٿي سگهيو، سم نالن جي مرمت لاءِ 23 ڪروڙ 56 لک، ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ 24 ڪروڙ 80 لک، عوام جي علاج لاءِ 1 ارب 92 ڪروڙ 66 لک روپيا جاري ڪيا ويا، تعليم لاءِ هڪ سال ۾ 10 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا عوام کي امن نه مليو نه ئي روڊ رستا ٺهيا آهن نه ئي صحت ۽ تعليم جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي، اربين روپين جا فنڊز ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن، گذريل سال برساتي ٻوڏ جي متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت سرڪاري خزاني مان 55 هزار کان وڌيڪ ٽينٽ، 18 هزار کان وڌيڪ ترپال، هڪ لک 34 هزار کان وڌيڪ راشن بيگ، هڪ لک 47 هزار ڪمبل فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر سنڌ ۾ حقيقت ان جي ابتڙ آهي ٻوڏ متاثرن لاءِ ايندڙ امدادي سامان به ان ڪرپٽ حڪمرانن ھڙپ ڪري ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.