اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) ناليواري اينڪر عاصمه شيرازي چيو آهي ته نوازشريف جي سزا اڳ ۾ به عدالت معطل ٿي چڪي آهي، تڏهن پي ٽي آءِ جو دور هو،اڳوڻي حڪومت عدالت ۾ تڏهن ڪو به اعتراض نه ڪيو هو، چار هفتن جي اجازت هئي، 2020ع ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏنو هو، پي ٽي آءِ وري ڪڏهن به عدالتن سان رابطو نه ڪيو،جيڪڏهن اهي رابطو ڪن ها ته نوازشريف کي عدالتن ذريعي واپس آڻي پئي سگهجيو.
نوازشريف کي وطن واپسي کان اڳ ضمانت ملڻ، کيس ريڊڪارپيٽ تي آڌرڀاءُ ڪرڻ اهي تمام وڏا سوال آهن،ان تي به وڏي تنقيد ٿي رهي آهي، ائين لڳي پيو ته شين کي ”ان ڊو“(ختم)ڪيو پيو وڃي، صاف نظر اچي پيو ته سليٽ صاف ڪئي پئي وڃي پرسمجهوتي جو جيڪو طريقيڪار آهي ان تي سواليه نشان آهن، نيب نوازشريف خلاف ڪيسن تي وڌيڪ زور نه پئي ڏئي.
سينئر صحافي اعزاز سيد چيو آهي ته نوازشريف لاءِ عدالتي محاذ تي آسانيون پيدا ڪيون پيون وڃن،پنجاب جي نگران ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم جي سزا معطلي جي درخواست منظور ڪئي، اسلام آباد جي احتساب عدالت نوازشريف پيش ٿيو، نيب پراسيڪيوٽر جي مرضي سان نوازشريف جي دائمي وارنٽ معطل ڪيا ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نوازشريف جي ضمانت ۾ توسيع ڪري ڇڏي، ٽنهي واقعن ۾ هڪ ئي ڳالهه واضح آهي ته نوازشريف جو رستو صاف ڪيو پيو وڃي، سسميٽڪ انداز ۾ سندس رستو صاف ڪيو پيو وڃي، نيب نوازشريف جو ساٿ ڏئي رهي آهي، ريفرنس نيب پاران ئي داخل ڪيل هئا.
هن چيو ته اسان جو عدالتي نظام ڪنهن هڪ شخص جي سهولتڪاري لاءِ نه هئڻ گهرجي، ماضي ۾ به ايئن ٿيو هو.
صحافي اسد علي طور چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ٽرول ڪري رهي آهي، حالانڪه پي ٽي آءِ کي سڀ کان وڌيڪ رليف ته موجوده چيف جسٽس جي اچڻ کانپوءِ مليو آهي جڏهن سپريم ڪورٽ 9 مئي واقعن جي جوابدارن جو ٽرائل فوجي عدالتن ۾ ڪرڻ وارو فيصلو رد ڪري چڪي آهي،هن چيو ته عمران خان لاءِ ته ضمانتن جي مينا بازار لڳل هوندي هئي.
انصار عباسي چيو آهي ته پاڪستاني سياست ۾ اڄ جو لاڏلو نوازشريف آهي، کيس عدالتن مان غيرمعمولي رليف مليو آهي،احتساب عدالت جي جج محمد بشير جيڪو نوازشريف کي ماضي ۾ روز روز طلب ڪندو هو،ڪالهه نوازشريف لاءِ سندس رويو تبديل هو، نوازشريف جي حق ۾ تيزي سان عدليه ۽ انتظامي طور رليف ڏنو پيو وڃي، ساڻس لاڏلي جهڙو سلوڪ ٿي رهيو اهي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز 25 آڪٽوبر 2023ع تي شايع ٿي