نگران وڏي وزير جا سکر ۾ دورا،سول اسپتال جو پورو ميڊيڪل بورڊ معطل

ميرپورماٿيلو/سکر/گهوٽڪي (رپورٽ: پريم راٺوڙ+آزاد مهر) وڏو وزير جسٽس(ر) مقبول باقر ڊي سي گھوٽڪي جي آفيس ميرپورماٿيلو پھتو جتي امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ گهرو وزير حارث نواز،  آءِ جي رفعت مختار، ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو، ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ ٻين عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ آءِ جي رفعت مختار ۽ ڊي آءِ جي سکر عبدالحميد کوسو پاران وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي، وزير چيو ته هنن چند ڌاڙيلن سڄي صوبي لاءِ ناسور بڻيل آهي،مان هاڻي چاهيان ٿو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن جا بهترين نتيجا اچن،جڏهن ته مقبول باقر غلام محمد مهر سول اسپتال جي اوچتو دوري دوران ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ۽ ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪرڻ سميت گورنمنٽ باڊي تحليل ڪري ڇڏي ۽ ڪرپشن ۽ بدانتظامي ڪندڙن کي وائکو ڪرڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ذريعي اسپتال جي اڪائونٽس جي فرانزڪ آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ان موقعي تي وڏي وزير سان سندس پرنسپل سيڪريٽري حسن نقوي ۽ صحت وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر منصور رضوي پڻ موجود هئا. ڄاڻ وٺڻ کانپوءِ وڏي وزير کي خبر پئي ته نه ته ڊائريڪٽر جنرل ۽ نه ئي ٻين لاڳاپيل آفيسرن ڪڏهن به اسپتال جي سهولتن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪو معائنو ڪيو آهي.

هن ڏٺو ته او پي ڊي وارڊ ۾ مرد ۽ عورت مريض بغير ڪنهن پردي جي بسترن تي ويٺا آهن جڏهن ته اسپتال ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ الڳ الڳ او پي ڊي جي جاءِ/وارڊ موجود آهن. وڏي وزير چيو ته اسپتال انتظاميه دوائن جي مقامي خريداري يا معمولي مرمت ۽ سار سنڀال تي ٿيل خرچن جو رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. تنهنڪري وڏي وزير اسپتال جي ڊائريڪٽر فنانس کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اسپتال جي ڪچن جي معائني دوران وڏي وزير چيو ته صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ مريضن لاءِ باقاعده کاڌو تيار نه ڪيو پيو وڃي جڏهن ته اسپتال ۾ روزاني جي خريداري جو ڪوبه رڪارڊ موجود ناهي.

وڏي وزير اسپتال جا مامرا صاف سٿرا ۽ شفاف انداز ۾ هلائڻ ۾ ناڪام وڃڻ تي اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي معطل ڪري ڇڏيو. وڏي وزير گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز سان گڏ پوليس اسٽيشن سي سيڪشن جو اوچتو دورو ڪيو جتي کين هر شيءِ گندي نظر آئي.

تازو برساتن سبب پوليس اسٽيشن جي عمارت ڊهي پئي جڏهن ته هٿيارخاني ۽ مالخاني ۾ مختلف قسمن جا ڪيڙا نظر آيا. وڏي وزير ايس ايس پيز، ڊي ايس پيز ۽ ڊي آءِ جي پوليس اسٽيشنن جو معائنو نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو وڏي وزير پنهنجي اوچتو دوري جي آخري مرحلي تي دارالامان پهتو جتي 24 قيدي هئا جن مان ڪجهه پنهنجي ٻارن سان گڏ رهيل هئا.

وڏي وزير دارالامان جي حالت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هنڌن تي وهاڻا ناهن ۽ ڪمرن مان ڌپ اچي رهي آهي، هن ڊي سي کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ليڊي اسسٽنٽ ڪمشنر ذريعي دارالامان جي معاملن بابت انڪوائري ڪرائي رپورٽ پيش ڪري.

ان موقعي تي جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته سکر سنڌ جو ٽيون وڏو شهر آهي. هن چيو ته ائيرپورٽ سکر کان شهر ايندڙ رستن تي هر هنڌ تي گندگي ۽ مٽي نظر اچي رهي هئي جنهن جي جلد صفائي سٿرائي ڪرائي وڃي.

هن چيو ته سکر شهر کي صاف سٿرو ڪرڻ لاءِ ٽن هفتن جي مهلت ڏئي رهيو آهيان جيڪڏهن 3 هفتن ۾ شهر صاف سٿرو نه ٿيو ته ڪنهن سان رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليس اسٽيشنن ۽ اسپتالن اندر ڪارگردگي بهتر ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.