ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ گاڏين جي چوري ۽ ڀتا خوري ۾ ڪٻاڙي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو، ايس ايس پي اي وي ايل سي محمد ڪليم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اعليٰ اختيارين جي حڪم تي دڪاندارن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، گاڏين جي چوري ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث آهن. ايس ايس پي اي وي ايل سي جو چوڻ آهي ته لياقت آباد اي وي ايل سي گاڏين جي اسڪراپر جي هڪ گروهه کي پڪڙيو آهي، لياري ۾ ڪارروائي ڪري موٽرسائيڪل چوري ڪندڙ گروهه کي گرفتار ڪيو، گذريل ڏينهن هڪ زخمي جوابدار جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو، جوابدار جي رڪارڊ ۾ گاڏي چوري جو انڪشاف ٿيو، ٻئي جوابدار راجا ڪبيري کي به جوابدار جي نشاندهي بعد گرفتار ڪيو ويو، محمد ڪليم جو چوڻ هو ته جوابدار راجا ڪبيرا چوري جون گاڏيون وٺندو هو. جوابدار گاڏيون ۽ رڪشا تبديل ڪندا هئا يا انهن کي پارٽس ۾ وڪرو ڪندا هئا، ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوابدارن وٽان 4 گاڏيون، هڪ اسٽرڪچر ۽ وڏي انگ ۾ اسپيئر پارٽس هٿ ڪيا ويا آهن.