انتهاپسندي پکيڙڻ کان امن جي رستي تي هلڻ جا ڪيترا پيچرا ٺاهي سگهجن ٿا. سياڻن جو چوڻ آهي ته” مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو ويڙهايا“ اها ڳالهه ڪيتري صحيح آهي ڪيتري غلط، انهيءَ ڪري تاريخ جي پس منظر ۾ وڃڻ تمام ضروري آهي. ٻولي ته تمام مٺڙي آهي چاهي ڪوئل جي هجي، طوطون يا جهرڪين جو چوٻٽو، ڪبوتر جو ذڪر هجي يا ڪانو جي ڪان ڪان هر لات جي پنهنجي بات آ.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن جڙانوالا واقعو ٿيو ته ڄڻ انسانيت جا سڀ تقدس ۽ رشتا ختم ٿي ويا. خير انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي اها ڪا پهرين خبر نه آهي. هندستان ۾ مسلمانن جي مسجدن تي حملا، بابري مسجد جو واقعو، تاج محل هوٽل کي باهه ڏئي ساڙڻ، ٽرين ۾ بم ڌماڪو ٿيڻ يا وري پاڪستان ۾ مندرن تي حملا، هندو نياڻين کي زوري مسلمان ڪري انتشار پکيڙڻ جو انوکو نمونو. مسجدن ۾ اعتڪاف ۾ ويٺل روزي دارن تي گوليون هلائي شهيد ڪرڻ، 10 محرم جي جلوس تي عزادارن مٿان بم ڌماڪا ڪرڻ، 12 ربيع الاول جي ميلاد محفل ۾ بم ڌماڪا ڪرڻ، شڪارپور ۾ عزادارن جي امام بارگاهه ۾ نماز دوران ڌماڪا ڪري هڪ ئي گهر جي ڪيترن ئي ماڻهن کي شهيد ڪرڻ، شهرن ۾ بم ڌماڪا ڪري پنهنجي ئي مسلمان ڀائرن کي شهيد ڪرڻ، بلديا ٽائون فيڪٽري ۾ باهه لڳائڻ ۽ بي ڏوهه پورهيتن کي ساڙي مارڻ، لاهور جي بازار ۾ ڌماڪو ڪري عورتن ۽ ٻارن جو بي درديءَ سان قتل، پشاور ۾ اسڪولي ٻارن تي گوليون وسائي لاشن جا انبار ڪرڻ، ڇا اهي ڏينهن اهي واقعا بيروت ، فلسطين ۽ ڪشمير جي دهشتگردين وارن منظرن کان گهٽ نظر اچن ٿا؟
رت جي راند کيڏڻ وارو ورتاءُ ڪهڙي انسانيت جي دائري کي ظاهر ڪري ٿو. ڪڏهن مذهب جي دائري کي ظاهر ڪري ٿو. ڪڏهن مذهب جي بنياد تي، ڪڏهن ٻولي جي بنياد تي، فرقا پرستي ۽ لساني جهالت جي گمراهيءَ ۾ انسانيت جو قتل وحشي جبلتن واري دور جا پاڇا ڏيکاري ٿو.
هڪ پاسي اها دعويٰ ته دنيا گلوبل وليج آهي. ملڪن جا هڪ ٻئي سان سائنسي، تجارتي ۽ سماجي لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ قومن جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ محبت جي ڳالهه ڪرڻ هڪ ٻئي کي جوڙي ترقيءَ جي عمل کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته دنيا فرش ۽ عرش کي جوڙي زميني، خشڪي، جبل، سمنڊ آبشار ۽ درياهن جي معلومات کي پنهنجي سوچ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. اڄ گلوبل وليج ۾ انسان هڪ ٻئي سان انساني رشتن جي ڳانڍاپي ۾ ڳنڍجي ويو آهي، پر ٻئي پاسي انتهاپسندي ۽ نفرت جي باهه جا شعلا جنگلي جبلت جو وقت ورجائن ٿا.شاهه ڀٽائيءَ فرمايو آهي ته” هيءَ ٻر اڱارن، ٻِڏاهين ٻرن جي “ معنيٰ انهن اڱارن کي شاباش جيڪي ٻنهي پاسن کان ٻرن ٿا.
هڪ اندازي مطابق 20 ڪروڙ ماڻهو هر صديءَ ۾ قتل ڪيا وڃن ٿا، 5 هزار سال اڳ دنيا جي شروعات دهشتگردي تحت پاڻ سان هزارين ويڙهاڪ کڻي قومن کي غلام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جڏهن ته اها دهشتگردي ۽ ڏاڍائي انسانن تي حملا ڪري فاتحن جا لقب وٺندا هئا اهڙي انسانيت سوز عمل کي انساني قتل ۽ غارت سنگين ڏوهه سمجهڻ بدران عزت سمجهي پاڻ کي بادشاهي لقب ڏيندا هئا. غلامي جي زندگي گهارڻ وارا مجبور بي وس ماڻهو پنهنجي زبان بندي هئڻ ڪري قاتلن ۽ رهزنن جي بادشاهي پيري سمجهڻ لڳا. اهڙي روش اڳتي هلي جاگيرداريءَ، سرمائيداري ۽ سرداري نظام کي هٿي ڏني.
سياسي طور دنيا جي وڏين طاقتن ننڍن ملڪن کي ۽ رياستي استعماريت تحت غلام ڪندا ويا. دنيا ترقي يافته ترقي پذير حصن ۾ ورهائجي وئي. ترقي يافته ملڪن خاص طور سپر پاور ليکيا ويندڙ، ترقي پذير ملڪ يا چئجي ته ٽين دنيا جا ملڪ غلام بڻائڻ جا نوان طريقا استعمال ڪرڻ شروع ڪيا. قرض ڏئي قومن کي وقتي طور جي خوشحالي ۽ مستقل وياج جي دٻاءُ ۾ ڪنڌ جهڪائي رکڻ وري جي ڪنهن حق گهرڻ ۽ مقابلي ڪرڻ جي صلاحيت رکي غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڳالهه ڪئي ته انهن کي دهشتگرد يا ملڪ دشمن جو الزام هڻي چٿڻ جي سازش ڪئي وئي. قومن کي ويڙهائڻ ۽ نفرت جو ڄار پکيڙڻ جي جديد ٽيڪنالاجي عوام دشمن، ملڪ ۽ قوم جو سبق پرائمري جي قائدي وانگر آهي. ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته ڪنهن به قوم کي پنهنجو پاڻ ۾ ويڙهائڻو هجي ته ان جي ڏکندڙ رڳ کي جهليو. يعني اڳ ٻولي، پوءِ مذهب، فرقي پرستي، اهي اهڙا ٻاهه ٻارڻ جا ماچس آهن جن جي تيلي لڳڻ سان انتهاپسندي کي ڄڻ پلال ۾ ويڙهي باهه ڏيڻ هجي.
تعليم، رڳو ڪتابن پڙهڻ ڊگري وٺڻ ناهي پر علم ۽ شعور جو تعلق سماج جي اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، رويا، لاڙا، برداشت، صبر، هڪ ٻئي جي عزت ۽ قدر جو بهترين باب آهي جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت ۽ ماحول کي بهتر ڪرڻ جو عمل آهي.
چوڻي آهي ته علم ته ابليس وٽ به هو.هاڻي جڏهن مذهب جي اوٽ ۾ نفرتون پکيڙي فساد ڪرايا وڃن ٿا ته ڇا هر مسلمان مظلوم هر عيسائي مظلوم، هر يهودي مظلوم چئي سگهجي ٿو. پر انساني قدرن جا ماپا رنگ، نسل، ٻولي ۽ مذهب کان تمام گهڻا مٿانهان هوندا آهن. جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آهي. اتي رڳو اهو چوڻ ته مسلمانن تي ظلم آهي سان گڏ گريبان ۾ جهاتي پائي جائزو وٺڻ گهرجي ته ظلم ۽ مظلوم جو مذهب ۽ ٻولي قوميت سان ڪو تعلق ناهي. ظلم ظلم هوندو آهي.
اسرائيل، فلسطين تي حملو ڪري غير انساني، غير اخلاقي ۽ انسانيت لڄائڻ واري حرڪت ڪري رهيو آهي. ڪنهن به کلندڙ ڳالهائيندڙ معصوم جانين جو تشدد زده ۽ چچريل لاش جانور جي بربريت کي به لڄائڻ جي برابر آهي. پر جڏهن حماس، اسرائيل تي بمباري ڪري عام ماڻهن جو به قتل ڪري رهيو آهي ته اهڙي انتقامي رويي ۾ امن نه پر نفرت جا شعلا صدين تائين ڀڙڪندا رهندا. مسلمان ملڪن جي همدردي امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ڪرڻ لاءِ هجي. عام ۽ غريب مخلص ۽ مفلس ڪنهن به نفرت واري سازش جو شڪار ناهن هوندا. انهيءَ ڪري نفرت جو انت فتح نه پر اهڙي وبا جيڪا صرف ۽ صرف خون جي سوداگري ڪرڻ آهي.
ملڪ کي فتح ڪرڻ لاءِ عالمي لاڳاپن تحت پرامن ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. ڪنهن ٻڌايو ته يهودين جون ٺهيل شين جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. انگريزن خلاف بغاوت ۾ اندرا گانڌيءَ احتجاجن گهر جا سامان، پائڻ جا ڪپڙا، قيمتي ساڙهيون به ساڙي ڇڏيون ۽ اعلان ڪيو ته هاڻي هندستان پنهنجي پيرن تي بيهي پاڻ شيون ٺاهيندو ۽ ڪنهن حد تائين ڏٺو وڃي ته سئي سڳي کان وٺي جهاز تائين پاڻ شيون ٺاهيون ۽ قوم کي اعتماد ڏنو. سو رڳو اهو چوڻ ته هاڻ يهودين جون شيون استعمال نه ڪيون وڃن ته معذرت سان هن ملڪ جي اهڙي ڪهڙي ايجاد آهي جنهن سان باوقار طريقي سان احتجاج ڪجي. ميڊيڪل جي ڪاميابي جو سهرو پرڏيهه جي ڊاڪٽرن جي تجربن ۽ مشاهدن سان انسان مرڻ جي ڪنڌيءَ کان موٽي نئين زندگي وٺي ٿو. ملڪ ته ايترو مجبور آهي جو پنهنجي ڌرتيءَ جو قيمتي سرمايو ڏيندڙ زراعت جهڙي قيمتي نعمت کي پرڏيهي ملڪن کي وڪرو ڪري هتان جي موسم ۽ ماحول مطابق اڻ وڻندڙ شين جو واهپو ڪرائڻ جوعادي ڪيو آهي. مثال طور داليون، چانور، سبزيون به هاڻي چئنا جون کاڌيون وڃن ٿيون. ديسي ڀاڻ بجاءِ اينگرو يوريا ڀاڻ زمين جي چيڪي مٽيءَ کي به ڄڻ اينگرو مٽي ڪري ڇڏيو آهي. ميڪسي ڪڻڪ ديسي ڪڻڪ جي ٻج کي غائب ڪري ڇڏيو. هاڻي اهڙي صورتحال ۾ ميڪڊونلڊ جي برگر کائڻ جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڪنهن کي ٿو چيو وڃي. مخصوص طبقو ميڪڊونلڊ جو برگر کائي ٿو ۽ اهي ٻاهرين ملڪن ۾ ۾ رهن ٿا، پاڪستان اچڻ انهن لاءِ وندر هوندي آهي. غريب عوام ته رستي جي ريڙهي تان پيٽ ڀرڻ لاءِ برگر کائي ماني کائڻ جو ويلو ٽاريندو آهي. عام ماڻهوءَ کي يهودي ڌرتيءَ تي آيل انسان لاءِ اڳ آسماني ڪتاب آيا ۽ آخر ۾ قرآن شريف مسلمانن لاءِ انسانيت جو اهڙو درس ڏنو جنهن ۾ ڪنهن به مذهب جي توهين ناهي ۽ يهودي ۽ عيسائي به اهلِ ڪتاب آهن. اهو ڪنهن کي به وسارڻ نه گهرجي ته دنيا جي پورهيت طبقي کي غلاميءَ جي زنجير مان آزاد ڪرائڻ وارو ڪارل مارڪس پنهنجي گهر ٻارن جي قرباني بک مفلسي جي پرواهه نه ڪندي دنيا جي پورهيتن کي جوڙڻ جو فلسفو ۽ جدوجهد جو اتساهه ڏنو.
سچ جو علمبردار ۽ زهر جو جام پيئندڙ دنيا کي ڪوڙ، ڏاڍ جي زهر آلود غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ لاءِ زهر جو جام پيتو، سقراط جو سچ خاطر زهر پيئڻ اڄ به مثال طور استعمال ڪيو ٿو وڃي. هڪ خبر موجب ميڪڊونلڊ پاڪستان جي چيف آپريٽنگ آفيسر مسٽر جميل مغل ايڌي فائونڊيشن جي چيئرمين کي 10 ملين غزا جي مدد لاءِ ڏنا آهن ضرور اهي پئسا متاثر مسلمانن لاءِ موڪليا وڃن ٿا. انهيءَ ڪري عوام کي غلط اشتعال ڏئي جنگ ۾ تيلي اڇلائي نفرت جي باهه ڀڙڪائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. نفرت، اشتعال انگيزي جي اوڙاهه ۾ گم ٿي مختلف ملڪن جي شين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ته پوءِ مٽيءَ جي ٺڪرن سان ٺهيل شيون ۽ سج، چنڊ آسمان تارا ڏسي قسمت جا ستارا ڏيکاري گمراهه ئي ڪري سگهجي ٿو.
اڄ جي جديد دور سائنس ميڊيڪل سهولتن زندگي جي گهڻين ڏکيائن کي ختم ڪيو آهي. پوءِ سياسي،سماجي عالمي لاڳاپا بيٺل پاڻيءَ جي دٻي برابر ٿي ويندا. انهيءَ ڪري ضرورت ان سوچ جي آهي ته نفرت کي ختم ڪري ترقيءَ جي راهه جا رستا ڏيکارجن. انسانيت جو قتل ظلم زيادتي ڌرتيءَ جي ڪهڙي به حصي تي هجي اهو ظلم آهي ۽ ظلم ئي ظلم هوندو آهي. هونئن به لڱ ڪانڊاريندڙ واقعن ۽ حادثن سان سڄو ملڪ ٻري رهيو آهي. نياڻين سان وحشي حرڪتون ڪرڻ ڇا يهودي سوچ جو نتيجو آهي. ايتري احتجاج مذمت جي باوجود ڪراچيءَ ۾ 12 نوجوان نياڻين سان لاڳيتو زيادتي، جنسي تشدد، نشي آور ڊرگس ڏئي ماريو ويو ڇا اهي نياڻيون ڌرتي ڄايون ناهن.
انهيءَ ڪري مونکي حضرت علي ڪرم الله وجه جو قول ڏاڍو ياد ايندو آهي ته سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ چئن آڱرين جو فاصلو آهي، ڪوڙ جيڪو ٻڌجي ٿو ۽ سچ جيڪو ڏسجي ٿو. سچ اهو آهي ته سڄو ملڪ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ٻري رهيو آهي، آخر مائرون ڪيستائين جهوليون ڦهلائي روڊ بلاڪ ڪري حق گهرڻ جا آواز بلند ڪنديون، نوجوان پاڻ ساڙي زندگي جو انت آڻي ڇڏيندا.