ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صوبائي گهرو وزير بريگيڊيئر (ر) حارث نواز ۽ بلوچستان جي اطلاعات واري صوبائي وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته غيرقانوني پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ باقي هڪ هفتو رهجي ويو آهي، سرڪار پرڏيهين جي نيڪالي لاءِ سمورا بندوبست ڪري ڇڏيا آهن، الٽيميٽم ختم ٿيڻ بعد غيرقانوني رهندڙن کي ڳولي ڳولي ملڪ مان ٻاهر ڪڍيوويندو.
اهڙو اظهار هنن ڪالهه گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صوبائي گهرو وزير سنڌ بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته غيرقانوني رهندڙن کي پنهنجي مرضي سان ملڪ ڇڏڻ لاءِ مقرر وقت ڏنو ويو آهي، جيڪي رجسٽرڊ نه آهن، اهي رجسٽرڊ ڪرائين، اسان کين واپسي ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته آپريشن رڳو هڪ قوميت سان تعلق رکندڙن خلاف آهي پر غير قانوني طور تي رهندڙ سمورن پرڏيهين خلاف آهي جان اچڪزئي چيو ته بلوچستان حڪومت غيرقانوني رهندڙ ماڻهن کي ڳولي ڳولي ڪري ڪڍندي، سياسي جماعتون غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي سرپرستي نه ڪن.