ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي/ عرفان کوسو ) جمعيت علماءِ اسلام پاران گذريل ڏينھن خيرپور ضلعي مان سنڌ امن مارچ جو نڪتل قافلو مختلف شھرن کان ٿيندي ڪنڌڪوٽ پھتو جتي گھنٽا گھر ڀرسان شڪارپور روڊ تي جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ ھزارين ڪارڪنن شرڪت ڪئي.
جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد خالد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي وڏيرن جاگيردارن تباهه ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ ۾ عوام امن امان، صحت، تعليم ۽ صفائي سٿرائي کان به محروم آھي، ڪنڌڪوٽ ضلعي جي اندر ھڪ سال دوران مختلف کاتن ۾ ڪروڙين روپين جو فنڊ آيو پر عوام بدران ان فنڊ مان سياسي ڀوتارن فائدا ورتا سرڪاري آفيسن بدران عوام کي کاتا به ڀوتارن جي بنگلن تان وٺڻا پيا.
هن چيو ته ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعي ۾ ھاڻي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام جي مدد سان سردارن ۽ ڀوتارن کي تاريخي شڪست ڏني ويندي سنڌ اڳواٽ ھي تبديلي طرف وڃي پئي گذريل ڏينھن کان وٺي امن مارچ کي جنھن طريقي سان عوام موٽ ڏني آھي انھي مان ثابت ٿئي ٿو ته عوام وڏيرن، سردارن کان بيزار ٿي چڪي آھي اسين ايندڙ اليڪشن ۾ عوام سان واعدو ڪيون ٿا ته حڪومت ۾ اچي امن مارچ جي 18 نقاطي ايجنڊا تحت ھر ظالم سان بغاوت، ھر مظلوم جي حمايت، بلا تفريق پوري انسانيت جي خدمت ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون امن امان قائم ڪرائي صحت تعليم جون بنيادي سھولتون عوام کي ڏنيون وينديون سنڌ جي تمام ادارن مان مڪمل ڪرپشن جو خاتمو ڪيو ويندو جنھن سنڌ کي لٽيو آھي انھن کان اھو لٽيل پيسو واپس ڪرائي انھن خلاف ڪاروائيون ڪري سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايو ويندو.
هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي منشيات کان پاڪ بڻايو ويندو سنڌ جي سرڪاري ملازمن جون پگھارون ھڪ تولي جي رقم جي برابر ڪيون وينديون غير سرڪاري ملازمن کي سوني جي اڌ تولي جي رقم جيتري پگھار ڏني ويندي.