ڪراچي (رپورٽر ) ڪسٽم ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي دوران ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ هڪ بنگلي ۾ قائم ڇاليه سوپاري جي فيڪٽري کي پڪڙي ورتي، ڪارروائي دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، سوپاري ڇاليه جون 40 ٻوريون هٿ ڪيون ويون آهن، پوليس موجب موجب سندس ٽيم پاڪستان ڪسٽم عملدارن سان گڏجي ڊفينس ۾ خيابان شجاعت ۾ آپريشن ڪيو، بنگلي مان 40 ٻوريون تيار ڪيل ڇاليه سوپاري، گٽڪا ۽ ٻيو ممنوع سامان هٿ ڪيو ويو آهي، آپريشن دوران مشين ذريعي چادر پيڪنگ جو عمل جاري هو، جوابدار امير احمد خان گهر جي هڪ حصي ۾ غير قانوني فيڪٽري لڳائي هئي، سامان کان علاوه پوليس ۽ ڪسٽم اهلڪارن مشينري به هٿ ڪري ورتي آهي.