ميھڙ (رپورٽ: فراز چنا) سنڌي ٻٽڙا ڀرسان ڳوٺ باغو کان جلباڻي ۾ 3 ڏينھن اڳ مڇي مارڻ لاءِ ويل نوجوان جو ڳوٺ ڀرسان مڇي جي تلاءُ مان 28 ورھين جي نوجوان مومن علي پٽ محبوب جلباڻي جو لاش ھٿ آيو، اطلاع باوجود 2 ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري ھنڌ پيل رھيو 2 ڪلاڪن بعد ميھڙ پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، مقتول جي سئوٽ ساجد جلباڻي ۽ ٻين وارثن چيو ته پنھنجن مامن ۽ سندس جي پٽن سان سڱاوتي معاملو ھلندڙ ھو، هو گهر خالي ڪري ويا هئا، هنن ئي نوجوان کي قتل ڪيو آهي، مومن جي جسم تي تشدد جا نشان آهن، جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، پوليس موجب وارثن جي رضامندي سان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو پوليس موجب الزام ھيٺ آيل جوابدار پنھنجا گھر خالي ڪري ويا آھن.