ميرپورخاص ڀرسان معصوم نينگري سان زيادتي، جوابدار گرفتار

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ڀرسان ڳوٺ وارث پنهور ۾ 10 ورهين جي نينگري سائره پنهور ڌيءَ حسن پنهور کي وحشي صفت  نوجوان سئوٽ غلام مصطفيٰ پنهور پاران زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو نينگري سائره پنهور جي ڀاءُ محسن پنهور جي فرياد تي وومين ٿاڻي ميرپورخاص ۾ داخل ڪيو ويو، ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته ننڍي ڀيڻ بي بي سائره روئيندي گھر آئي، پڇا ڪرڻ تي هن مون کي والد ۽ امڙ جي موجودگي ۾ ٻڌايو ته  گھران دڪان تي وڃي رهي هئس ته سئوٽ مصطفيٰ عرف گڊو پٽ محمد قاسم پنهور مون کي ورغلائي رحماني مسجد  اندر وٺي وڃي مون سان زوري زنا ڪئي، وومين ٿاڻي جي پوليس جوابدار مصطفيٰ پنهور جي خلاف زنا جو ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري سندس ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال ۾ جزا ڏنا ويا، ايس ايڇ او مومل شاهين لغاري چيو ته وحشي صفت جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، گرفتار جوابدار جو ڊي اين ٽيسٽ لاءِ جوابدار کي سول اسپتال نيو ويو آهي جتي سندس جزا حاصل ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.