ڪشمور ويجهو ناري بيهوشي حالت ۾ هٿ، زيادتي جو الزام

ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪيسواڻي)ڪشمور ويجھو بي ايس فيڊر پل ڀرسان ناري بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ، ناري جي سڃاڻپ حسينا  شيخ طور ڪئي وئي ، ريپ جو الزام لڳايو ويو، ناري جي وارثن اسپتال ۾ ڳالهائيندي الزام هنيو ته اسان جي نياڻي کي جوابدار منصب علي ملڪ گھران کڻي وڃي ساٿين سان گڏجي نياڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪئي، ساڳي جوابدار ان کان اڳ به اسان جي نياڻي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو هو، جوابدار منصب ملڪ، مولا بخش چاچڙ خلاف ڪشمور ٿاڻي تي اڳ به زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن بعد ڪشمور پوليس رشوت وٺي ٻنهي جوابدارن کي آزاد ڪيو هو، گذريل رات جوابدار منصب ملڪ ساٿين سان گڏجي نياڻي کي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي، ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو نوٽيس وٺي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.