ڪراچي ( پ ر ) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) شهيد صحافي ارشد شريف جي پهرين ورسي جي موقعي تي سندس ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. ۽ شهيد صحافي جي قتل جا سببن ۽ محرڪ وائکا نه ٿيڻ حڪومت ۽ رياستي ادارن جي ناڪامي قرار ڏنو آهي. سي پي اين اي جي صدر ارشاد عارف ۽ سيڪريٽري جنرل اعجازالحق پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته شهيد صحافي ارشد شريف جي قتل کي هڪ سال گذري ويو آهي پر سندس خاندان کي اڃا تائين انصاف ناهي ملي سگهيو. هڪ سال دوران پاڪستان ۽ ڪينيا جا جاچ ادارا حقيقتون سامهون نه آڻي سگهيا آهن. هي ڪو معمولي قتل نه پر پاڪستان جيان دنيا جي صحافتي حلقن لاءِ هڪ صدمو ڏيندڙ واقعو آهي، جنهن جي شروعات انهن ماڻهن کان ٿيڻ گهرجي، جن ارشد شريف کي پاڪستان ۾ ڌمڪيون ڏئي پاڻمرادو جلاوطني تي مجبور ڪيو. سي پي اين اي جي اڳواڻن گڏيل قومن کي اپيل ڪئي ته پاڪستان ۽ ڪينيا جي تحقيقاتي ادارن جي ناڪامي کانپوءِ گڏيل قومن جي ماتحت ارشد شريف قتل ڪيس جي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي ٺاهي فوري جاچ ڪرائي وڃي ۽ خاندان کي فوري انصاف فراهم ڪيو وڃي.