ملڪ ٺهندي 76 سال ٿي پيا، قانون تي عمل ڪڏهن ٿيندو:سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجدعلي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي ۾ فيڪٽرين ۽  انڊسٽرين کي حادثن کان پچائڻ واري قانون واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ليبر کاتي جي سيڪريٽري رپورٽ پيش ڪندي چيو ته عدالت جي حڪم کانپوءِ 15سئو30فيڪٽرين جو معائنو ڪيو ويو آهي، مختلف فيڪٽرين کي حادثن کان بچاءِ جي لاءِ قانون ۽ ايس او پيز جو جائزو ورتو ويو، جسٽس امجد ستهو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ملڪ ٺاهيندي 76سال ٿي ويا آهن آخر قانون تي ڪڏهن عمل ڪيو ويندو، اوهان صرف  آفيسن ۾ وڄي جائزو وٺي رهيا آهيو، هر فيڪٽري ۾ هڪ دروازو هوندو آهي سيفٽي جو ڪو به انتظام نه هوندو آهي، ليبر کاتي جي سيڪريٽري چيو ته مهلت ڏني وڃي ته فيڪٽرين جو معائنو ڪري سرٽيفڪيٽ جاري ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.