روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿيا، عدالت طرفان ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽ: ماريا اسماعيل ) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 50 هزار روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي آءِ  جي سنڌ، گهرو کاتي، وفاق، نادرا ۽ ٻين کي وڌيڪ چئن هفتن جي مهلت ڏني وئي، جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سانحي بلديا ٽائون ڪيس ۾ روپوش جوبداران حماد صديقي سميت ٻين کي گرفتار نه ڪرڻ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ آءِ جي سنڌ رپورٽ پيش ڪندي چيو آهي ته  50 هزار روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽس ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، عدالت آءِ جي سنڌ کان سوال ڪيو ته 50 هزار روپوش جوابدارن مان پوليس ڪيترا گرفتار ڪيا آهن؟ آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته صوبي اندر 6 هزار 125 روپوش جوابدارن سميت 12 هزار جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جسٽس امجد سهتو چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ جاچ آفيسر جوابدارن جو نالو، ولديت ۽ ايڊريس نه ٿا لکن، آءِ جي سنڌ چيو ته 50 هزار مان 13 هزار جوابدارن جي ولديت ۽ گهر جي ايڊريس درج نه ٿيل آهي، اها پوليس جي غفلت آهي، معاملا درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جسٽس امجد سهتو چيو ته اهو سلسلو ته 1980 کان هلي رهيو آهي، توهان اچي ويا آهيو ته ڪجهه ڪري وڃو، نادرا جي فوڪل پرسن عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه جوابدارن جي ڊيٽا غلط هئڻ سبب سندن سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ نه ٿي سگهيا آهن، بلديا سانحي جي جوابدارن حماد صديقي، تقي حيدر شاهه ۽ خرم نثار جا سڃاڻپ ڪارڊ بلاڪ ڪيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.