گهريلو ملازمه قتل ڪيس، گرفتار ٻن جوابدارن جو جسماني رمانڊ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي مقامي عدالت ۾ مبينا طور تي گهريلو ملازمه کي زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ پوليس گرفتار حماد ۽ منيب  کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو، عدالت ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ آهي ته زهر ڏنو ويو آهي، اسان کي اطلاع آهي ته جوابدارن سان نرمي ڪئي پئي وڃي، ڊي اين اي ٽيسٽ اچڻ باقي آهي، ياد رهي ته ناري سونيا گلشن اقبال جي بنگلي ۾ ڪم ڪندي هئي، جنهن کي جوابدار وارثن وٽ ڇڏي ويا، سونيا جناح اسپتال ۾ دم ڏنو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.