گئس 193 سيڪڙو تائين مهانگي ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد(م ڊ)  حڪومت گئس 193 رپيا مهانگي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.  اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) گهريلو،   ڪمرشل ۽ صنعتي صارفين لاءِ گئس جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو. ذريعن موجب اي سي سي پيٽروليم واري وزارت جي سمري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گيس جا نوان اگهه پهرين نومبر 2023ع کان لاڳو ٿيندا. اي سي سي گئس جي اگهن ۾ 193 سيڪڙو واڌ ۽ گيس ميٽرن تي فيڪس چارجز 10 کان 400 رپيا ماهوار ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب اي سي سي اجلاس ۾ 1 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پرڏيهه مان درآمد ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.