هيراڦيري سان اقتدار جي منتقلي نه ٿيڻ گهرجي، جج پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪن: بلاول

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اليڪشن ڪمشنر کان فوري چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته غيرجانبدار  چونڊن سان ئي سمورن اميدوارن کي برابري جي ميدان ملندو، جڏهن ته هيراڦيري سان اقتدار جي منتقلي سياسي بي يقيني جي پاڙ آهي، پ پ چيئرمين آئين جي 50 هين سالگرهه جي حوالي سان سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي چونڊن جي تڪرار دوران مون ۽ منهنجي پارٽي آئيني بحران جي حل لاءِ سياسي ڳالهين ۽ سياسي اتفاق راءِ لاءِ مخلصانه ڪوششون ڪيون پر 9 مئي جي واقعن انهن ڪوششن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو،هن چيو ته گذريل هفتي جي واقعن کان پوءِ مون کي يقين آهي ته چونڊن ۾ وڌيڪ دير نه ٿيندي اسان چاهيون ٿا ته ان کان اڳ ڪو ٻيو ادارو آرڊر ڏئي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي قانوني ۽ آئيني ذميواري پوري ڪندي اهو ڪم ڪري.بلاول ڀٽو چيو ته هر وزيراعظم پاڻ کي احتساب لاءِ هن اداري آڏو پيش ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته هاڻي معزز جج سڀ کان پهريان پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪندا. پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل جي تازي فيصلي پارليامينٽ جون اميدون وڌايون آهن.ججن جي مقرري جي طريقي تي نظرثاني جي ضرورت آهي، توهين عدالت جي قانون تي به نظرثاني ٿيڻ گهرجي، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي دائري ۾ اسان کي شهرين جي جبري گمشدگي جي حوالي سان هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي، لاپتا ڪميشن ناڪام وئي، هن وقت تائين هڪ به جوابدار کي سزا نه ملي آهي،هن چيو ته آمريت جو دروازو بند ٿي چڪو آهي پر هڪ نئين طرز جي آمريت شروع ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.