سائفر ڪيس، عمران ۽ شاهه محمود تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي (م ڊ) سائفر ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابو الحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي دوران فرد جرم لاڳو ڪيو. پي ٽي چيئرمين عمران خان ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. عدالت فرد جرم روڪڻ جي عمران خان جي درخواست رد ڪندي چيو ته اڄوڪي تاريخ فرد جرم لاءِ رکي هئي، فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي ٿو. عدالت ڪيس جي شاهدن جا بيان 27 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتا ۽ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي 27 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.