آمريڪي آفيسر اڳوڻي وزيراعظم کي هٽائڻ جو چيو: اعتزاز احسن

اسلام آباد (م ڊ ) سينيئر وڪيل اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته آمريڪي آفيسر اڳوڻي وزيراعظم کي بي اعتمادي جي رٿ ذريعي هٽائڻ جو چيو. سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران اعتزاز احسن چيو ته سائفر کي وزيراعظم ڊي ڪلاسيفائي ڪري سگهي ٿو، قاسم سوري فيصلو ڏئي سائفر ختم ڪيو،  هن چيو ته قدين واري گاڏي ۽ سڀ باجوا جي چوڻ تي آيا، قاسم سوري جي فيصلي کي ختم ڪيو ويو. اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو جمهوريت ۽ پوري نظام کي مستحڪم ڪندو. سپريم ڪورٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته بالادستي صرف قانون جي هوندي. هن چيو ته تاريخ ۾ سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي کي سونهري اکرن ۾ لکيو ويندو. اسان جي فوج آئين جي ماتحت هلڻ جي خواهش رکي ٿي. عدالت جو اصول آهي جج آزاد هجڻ گهرجن. هن چيو ته هاڻ سمورن ادارن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ وڏي حوصلي سان دليل ٻڌا. سڀني کي موقعو مليو. اهڙي فيصلي سان سول سوسائٽي جي وڌيڪ رهنمائي ٿيندي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.