ڪرپٽ سياستدانن کي اڳتي آڻڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ جو وڏو هٿ آهي:سراج الحق

ڪراچي/حيدرآباد(نمائندا) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آھي ته پاڪستان هن وقت معاشي ۽ سياسي طور شديد مشڪلات جو شڪار آهي، خراب حڪمراني ۽ مفاد پرست ۽ غلامي وارين پاليسين جي ڪري  معيشت تباهه ۽ تيل، گئس توڙي ڪوئلي جي دولت سان مالا مال ملڪ کي دنيا ۾ پينو فقير جي سڃاڻپ ڏني وئي آهي، سڀ کان وڌيڪ بدامني، غربت، ڏوهه ۽ ڌاڙيل راڄ ۽ جهنگ جو قانون سنڌ ۾ آهي، پ پ جي 15 ساله اقتداري دور ۾ تباهي، بربادي ۽ محرومين کان سواءِ عوام جي پلئه ڪجهه به نه پيو، لٽيل دولت سياستدانن کان واپس وٺي قومي خزاني ۾ جمع ڪري معيشت کي بهتر ۽ ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهجي ٿو. ووٽ جي طاقت ذريعي ئي نظام  ۽ قيادت جي تبديلي جو ڪم ٿي سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جماعت اسلامي ضلع حيدرآباد جي مجلس شورى جي اجلاس کي خصوصي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي مولانا اسدالله ڀٽو، محمد حسين محنتي، حافظ طاهر مجيد، مولانا عبد الوحيد قريشي، عقيل احمد خان، ڊاڪٽر امتياز پالاري ۽ مجاهد چنا سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. هوڏانهن مرڪزي امير سراج الحق ٽنڊومحمد خان ويجهو ڳوٺ باقر نظاماڻي ۾ زرعي ماهر ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر مرحوم رئيس عبدالمجيد نظاماڻي جي وفات تي سندس پٽن رئيس الهداد نظاماڻي، خدادا نظاماڻي ۽ عبدالحفيظ نظاماڻي سان تعزيت کان بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته رئيس عبدالمجيد نظاماڻي جي وفات ھڪ سانحو آھي هن چيو ته  ڪرپٽ سياستدانن کي اڳتي آڻڻ ۾ اسٽيبلشمنٽ جو وڏو هٿ آهي، نواز شريف جي واپسي جي باري ۾ سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته 24 آڪٽوبر عدالتن جو امتحان آهي، نواز شريف اڳ ۾ ٽي ڀيرا وزيراعظم ٿيڻ باوجود ڪجهه به نه ڪري سگهيو چوٿون ڀيرو وزيراعظم ٿيو تڏهن به ڪجهه ڪونه ڪندو، سراج الحق ٺٽي ۾ سنڌ ملاح فورم جي اڳواڻ ڏاڏا آدم گندرو جي فرزند ايڊووڪيٽ دانيال جي دعوت وليمي ۾ شرڪت، ٽنڊوآدم ۾ اڳوڻي ضلعي امير مرحوم عبدالعزيز غوري جي وڏي فرزند شاهد عزيز غوري جي وفات تي سندن گهر وڃي پوئنرن سان تعزيت پڻ ڪئي،بلڙي شاھ ڪريم ويجھو ڪپور موري اسٽاپ تي عوامي ميڙاڪي کي خطاب  ڪندي سراج الحق ۽ محمد حسين محنتي چيو ته فلسطينين سان ظلم برداشت کان ٻاھر آهي،جماعت اسلامي آئي ته بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون ڏيندي جيستائين انھن کي نوڪري نه ملندي ان کان پھرين نوجوانن کي الائونس ڏنو ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.