اسٽاڪ ايڪسچينج 51 هزار جي سطح پار ڪري ورتي

ڪراچي ( م ڊ ) پاڪستاني رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 32 پئسا مهانگو ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب ڊالر جي قيمت 279 رپيا 12 پئسا تي بند ٿي. ان کان اڳ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 80 پئسا تي بند ٿيو هو. هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 6 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر 51 هزار جي سطح پار ڪري ويو آهي. اقتصادي تجزيه نگار خرم شهزاد موجب مئي 2017 کانپوءِ 100 انڊيڪس ٻيهر 51 هزار تائين وڌي ويو آهي، مارڪيٽ سرمائيداري مئي 2017 جي ڀيٽ ۾ 70 سيڪڙو گهٽ آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلن تي بينچ جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي العزيزيه ۽  ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلن جي ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي وئي. نواز شريف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس ۽ العزيزيه ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون هيون. وڪيل امجد پرويز نواز شريف طرفان اپيلن جي بحالي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواستگذارن استدعا ڪئي ته اپيلن کي بحال ڪيو وڃي ۽ دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ميرٽ تي ڪيو وڃي. جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ العزيزيه ريفرنس ۽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا خلاف اپيلون بحال ڪرڻ لاءِ نواز شريف جي درخواستن تي بينچ جوڙي ڇڏي. ذريعن موجب چيف جسٽس عامر فاروق، جسٽس ميان گل حسن ۽ نگزيب تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي خاص بينچ اڄ نواز شريف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.

اسحاق ڊار آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس مان بري

اسلام آباد (م ڊ ) اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس  ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي بري ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. احتساب عدالت چيو ته نيب کي اسحاق ڊار خلاف ثبوت نه مليا. ان کان اڳ نيب پراسيڪيوٽر عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته اسحاق ڊار خلاف ڪرپشن جو ڪو ثبوت ناهي، ڪيس وڌيڪ اڳتي نه ٿو هلائي سگهجي. جج محمد بشير چيو ته نيب پراسيڪيوٽر جنرل اهو نقطو لکت ۾ ٻڌائي، جيڪڏهن اسحاق ڊار ۽ ٻين جوابدارن جي بريت تي اعتراض ناهي ته لکي ڏيو. اسحاق ڊار خلاف 2017ع ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو، عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ 3 شريڪ جوابدارن کي به بري ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته احتساب عدالت ان کان اڳ اسحاق ڊار خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ريفرنس داخل ڪيو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اسحاق ڊار خلاف ريفرنس جي ٻيهر ٻڌڻي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.