هونئن به حقيقي ڳالھه اھا آھي ته اهڙي صورتحال ڪا نئين به ته ناهي.بلڪ هندستان جي ورهاست کانپوءِ پاڪستاني ادارا مسلسل انهيءَ راه تي هلي رهيا آھن.نسل در نسل هلڻ واري اقتدار جي راهدارين جي اندرين ڇڪتاڻ جي اها بدرسم هن ڀيري سرڪاري سطح کان عوامي ذريعن تائين پهچي وئي ۽ ھينئر ان به ظاهر”حقيقي آزادي“جي حاصلات واري نعري جي حد تائين هڪ صورت اختيار ڪري ورتي آھي.پر اها ڳالهھ ته چٽي ٿي ته پاڪستان جي طاقتور ڌر قومي سلامتي ڪميٽي جي هڪ ٻئي پٺيان ٻن گڏجاڻين ۾ ملڪ جي اندرين مامرن ۾ امريڪي مداخلت جو واضع اظھار ڪيو آھي.جيڪا اصل ۾ روز ازل کان رهي آھي ۽انهيءَ جي تحت امريڪا پاڪستان جي طاقتور ڌر تي وقت به وقت اثرانداز ٿي ڪري پنهنجا مقصد پورا ڪندو آيو آھي.
حقيقت اها به آھي ته پاڪستان جي لاءِ ان راه جي مقرري قيام پاڪستان کان اڳ ئي ڪئي وئي هئي.جيتوڻيڪ امريڪي سفارتڪارن مئي ۽ جولاءِ 1947ع جي وچ ۾ ڀاباء قوم سان وڏيون اهم ۽ خاص ملاقاتون ڪيون هيون.جن جو ذڪر مسٽر ايم.ايس ڪتراومن پنهنجي ڪتاب“پاڪستان ۾ امريڪي ڪردار“۾ ڪيو آھي ان حوالي سان امريڪي پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ تي انهن ملاقاتن تي ٻڌل دوريئر ڊي ڪلاسيفائيڊ ٿيڻ وارن ڪاغذن جي صورت ۾ اڄ به موجود آھن.ان جي مطابق مسٽر جناح اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي عهديدارن کي يقين ڏياريو هو ته هڪ آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان امريڪا جي مفاد ۾ ھوندو.ڇاڪاڻ ته روسي جارحيت جو مسلمان متحد ٿي ڪري مقابلو ڪري سگهندا.
ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري جي قيمت تي پاڪستان امريڪا جي خاطر ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجو پاڻ کي پنهنجن مفادن جي ڀيٽ ۾ خطرن ۾ وڌو ڪيترن ئي نازڪ مامرن ۾ امريڪا جي مدد ڪئي.سڄي دنيا ۾ پکڙيل امريڪي مفادن جي خاطر پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن جي پاڻ تي دشمني کنئي.جڏھن ته امريڪا سدائين دوستي جي اوٽ ۾ پاڪستان سان دشمني ڪئي.هن پاڪستان جي مفادن جو ڪڏھن به ڀرم نه رکيو.هر ٻن ٽن سالن کانپوءِ جي ٻاھرين يا اندرين حالتن ۾ اهڙي بي يقيني ۽ افراتفري جي ڪيفيت پيدا ڪئي وئي ته هر ڀيري ملڪ جي اندر زلزلو اچي ويو ٿي.ملڪ عدم استحڪام.جو شڪار ٿي ويو ٿي.۽ ھر ڀيري ان افراتفري جي پٺيان امريڪا بيٺل هوندو آھي.
ٻاهرين دارومدار تي ٻڌل پاليسي جي سبب کان امريڪا پاڪستان کي ڪڏھن ٽشو پيپر کان وڌيڪ حيثيت نه ڏني ته جيڪو هڪ وقت تائين ٽيبل تي بچيل شين ۾ شامل هوندو آھي.۽ ان جي استعمال کانپوءِ ردي جي ٽوڪري ۾ ڦٽو ڪيو ويندو آھي.خودانحصاري جي سنجيده ۽ ٺوس حڪمت عملي اڄ تائين پاڪستان ۾ نه ٺاھي وئي.حقيقت اها آھي ته اهو امريڪا ئي آھي ته جنهن پاڪستان ۾ سگهه ڏيڻ واري حڪمت عملي کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو.امريڪا جي اها تاريخ رهي آھي ته هن کي جنهن ملڪ ۾ به مداخلت جو موقعو مليو.هن ان ملڪ کي سياسي ۽ معاشي عدم استحڪام جو شڪار بڻائي رکيو.پاڪستان کي جڏھن به امريڪا جي ضرورت پئي ته هن غيرجانبداري جي چادر مٿان وجهي ڇڏي. امريڪي صدر اوباما جي دور ۾ ڪيري لوگر بل پاس ٿيو ته ان وقت سياسي ڌرين ۾ ان بل کي پاڪستان جي مامرن ۾ امريڪي مداخلت جو ذريعو قرار ڏنو ويو.29 جنوري 2021ع۾ لاهور ۾ ريمنڊ ڊيوس ٻن ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو.مگر امريڪا پنهنجي ڪرتا ڌرتاطاقتور ڌر جي معرف سان ان کي حفاظت سان پاڪستان کان وٺي ويو.ان جي آزادي جي آخري عدالتي ڪارروائي پڙھي ڪري انسان شرمسار ٿي وڃي ٿو.بعد ۾ ريمنڊ ڊيوس پنهنجي ڪتاب“دي ڪٽريڪٽر“۾ پاڪستان جي رياست ۾ امريڪي مداخلت جو انڪشاف پڻ ڪيو.
انهيءَ تسلسل ۾ 2011ع ۾ امريڪا پاڪستان جي شھر ايبٽ آباد ۾ اسامه بن لدن کي مارڻ جو شڪي آپريشن پاڪستاني طاقتور ڌر جي بيان جي مطابق پاڪستان جي اجازت کانسواءِ ڪيو.مگر ان وقت جي وزيراعظم يوسف رضاگيلاني ان کي عظيم ڪاميابي سان ڀيٽا ڏني.صدر آصف علي زرداري ان کي بهترين عمل قرار ڏنو.ان وقت جي 2014ع جي مشور ڌرڻي جي سبب چين جي صدر جي پاڪستاني دوري ۾ رڪاوٽ وجهڻ کي به امريڪا جي مداخلت قرار ڏنو.ميموگيٽ اسڪينڊل ۾ به اثر رسوخ چٽو ٿي نڪري سامهون آيو.
تازو ئي ۾ پاڪستاني وزيراعظم( هن وقت اڳوڻو) جي چين ۽ روس جي دورن کانپوءِ امريڪا انتظاميا جي باقاعده مداخلت جي نتيجي ۾ ملڪي ادارن حڪومت جي تبديلي چاهي.اهو قول اڳوڻي وزيراعظم”ان جي دوري جي دوران روس پاڪستان کي 30 سيڪڙو گهٽ قيمت تي تيل ۽ 20 لک ٽن ڪڻڪ ڏيڻ تي راضي ٿيو هو“
ڪمزور ملڪن کي پنهنجي اثرهيٺ رکڻ جي لاءِ سامراج معاشي هٿيار استعمال ڪري ٿو.جيتوڻيڪ هن شروع کان پنهنجن ڪارندن جي مدد سان پاڪستان کي پيداواري منڊي جي راه تي ڪڏھن هلڻ نه ڏنو.75 سال کان اسان جو ملڪ صرف نالي ماتر منڊي جي حيثيت سان ساه کڻي رهيو آھي.ان صورتحال پاڪستاني معشيت کي مسلسل دٻاءُ ۾ رکيو آھي.آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جهڙن ناسوري ادارن جي چوڻ تي پاڪستان جي درآمدات کي برآمدات کان وڌيڪ رکيو آھي.ان سلسلي جي حل ڪرڻ بنا مهانگائي ۽ بيروزگاري ڪنٽرول ڪرڻ ممڪن ناهي.امداد جي نالي تي وياج مٿان وياج وارن قرضن جي جڪڙ پاڪستاني معشيت جي بربادي جي سڀ کان وڏي ڳاله آھي.رهيل سهيل ڪسر امريڪي ايمان تي ايف اي ٽي ايف پوري ڪري ڇڏي ٿو.