نيپا وائرس ۽ ان کان بچاءَ جون احتياطي تدابيرون

تحرير: سمير ساگر قريشي

نيپا وائرس (NiV) انفيڪشن هڪ اڀرندڙ وائرس آهي. خاص ڪري ان وائرس ۾ ورتل مريضن جو تعلق ايشيا کنڊ سان آھي. ان وائرس جا آثار انسانن توڙي جانورن ۾ ظاھر ٿين ٿا نيپا وائرس جي شروعات ملائيشيا جي ھڪ علائقي نيپا مان ٿي. جڏھن ته ان جي سڃاڻپ 1998ع ۾ ڪئي وئي ۽ ان وقت جي تحقيق مطابق ان وبا جي ڦهلاءَ سور (pig) ۽ مختلف جانورن جو انسانن سان لاڳاپو رکڻ سبب ٿيو. 2004ع ۾ بنگلاديش جا ڪجھه  شھري به ان وائرس کان متاثر ٿيا.

تحقيق مطابق ان ماڻهن ڪنھن فروٽ جي وڻ مان ميوو پَٽي کاڌو، ان وڻ ۾ ڪجھه  چمڙا ويٺل ھئا ميوي کي لڳل چمڙن جي ٿڪ يا پيشاب سبب ان وائرس جو ڦهلاءَ ٿيو. 2018ع ۾ ڀارت جي رياست ڪيرالا ۾ ان وائرس جو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو. جيڪو پيئڻ جي پاڻي ذريعي ڦھليو ھيو. تحقيق مطابق ان علائقي جي ذخيرو ٿيل پاڻي مان مئل حالت ۾ چمڙا مليا هئا.ڊاڪٽرن مطابق اھو وائرس جانورن مان انسانن ۾ آساني سان منتقل ٿئي ٿو. پر حتمي طور تي اھا خبر ناھي پئجي سگهي ته اھو وائرس ڪيئن چمڙن، سوئرن ۽ ٻين جانورن مان انسانن ۾ منتقل ٿئي ٿو.

نيپا وائرس ھڪ خطرناڪ وائرس آھي جيڪو انسان جي دماغ کي سڄائي ڇڏي ٿو. سي ڊي سي مرڪز مطابق وائرس جا آثار 5 کان 14 ڏينھن جي اندر ظاھر ٿين ٿا. ان وائرس جون شروعاتي علامتن ۾ بخار، زڪام، کنگهه، مٿي ۾ سور ۽ ساھ کڻڻ ۾ تڪليف شامل آھن. ھينئر تائين ھن وائرس جو ڪو به علاج يا دوا دستياب ناھي پر صحت جي ماھرن جو چوڻ آھي ڏسيل علامت مطابق علاج ڪري مريض کي صحتياب ڪري سگھجي ٿو.

جيڪڏهن پاڪستان جي ڳالهھ ڪئي وڃي ته مجموعي طور تي ھينئر تائين نيپا وائرس جو ڪو به ڪيس سامهون ناھي آيو. پر ھن ھوندي به سرڪار سميت مختلف ادارا ان وائرس جي بچاءَ لاءِ مھم ھلائي رھيا آھن. ڊاريڪٽر جنرل هيلٿ پاران جاري ڪيل هدايتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وائرس کان بچڻ لاءِ ايئرپورٽس جي نگراني ڪئي وڃي پرڏيهي مسافرن جي چڱي نموني چڪاس ڪري پوءِ کين ايئرپورٽ کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. جيڪڏهن ڪنھن مسافر جي طبيعت ناساز ھجي ته ان جو ترت علاج ڪيو وڃي. اسپتالن، ڪلينڪ ۽ ليبارٽرين سان لاڳاپيل ماڻهن کي هوشيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته چوپائي مال ۽ کير جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي به محتاط رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته نيشنل هيلٿ آرگنائيزيشن وفاق پاران صوبائي صحت واري ادارن کي خبردار ڪندي پيغام موڪليو هو جنهن ۾ نيپا وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو. وفاق پاران نيپا وائرس جو الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ نيپا وائرس جي منتقلي جو خطرو وڌي سگھي ٿو. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته بازار مان ورتل ميون کي صاف پاڻي سان ڌوئي پوءِ کائو ۽ پنھنجي صفائي سٿرائي جو خيال رکو. ميڊيڪل ٽيمون پراميد آھن ته وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته اھا اسان جي خوش قسمتي آھي جو ملڪ ۾ اڃا تائين نيپا وائرس جو جانورن توڙي انسانن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

 

. وفاق پاران نيپا وائرس جو الرٽ جاري ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ نيپا وائرس جي منتقلي جو خطرو وڌي سگھي ٿو. ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي عوام کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته بازار مان ورتل ميون کي صاف پاڻي سان ڌوئي پوءِ کائو ۽ پنھنجي صفائي سٿرائي جو خيال رکو. ميڊيڪل ٽيمون پراميد آھن ته وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين. سندن وڌيڪ چوڻ ھو ته اھا اسان جي خوش قسمتي آھي جو ملڪ ۾ اڃا تائين نيپا وائرس جو جانورن توڙي انسانن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.