سائين عزيز ڪنگراڻي جو انگريزي ٻوليءَ ۾ لکيل ھي ڪتاب سال 2020ع ۾ اِنڊوومينٽ فنڊ ٽرسٽ وارن پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آھي. ھي سمورو ڪتاب رنگين ۽ واٽر پروف پنن تي ڇپيل آھي ، ڪتاب ۾ سنڌ جي آرٽ ، پينٽنگ ، آرڪيٽيڪچر ، لوڪ ڪٿائن ۽ سنڌ جي مھا ڪلاڪارن جي ڪاريگري ڏيکاري وئي آھي. سنڌ ۾ ھن قسم جا ڪتابَ تمام گھٽ ڇاپيا ويندا آھن . ھي پُستڪ يقينن سنڌ جي آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر بابت ڄاڻ تي ٻڌل ھڪ انوکو ۽ لاجواب ڀَنڊار آھي.
ان جي پھرئين باب جو عنوان ؛ ”ڪاڇي ۾ ڪلھوڙا ۽ ٽالپر“ آھي. ليکڪ ھن حصي ۾ ڪاڇي جي جاگرافي ۽ تواريخ بيان ڪرڻ سان گڏ ، مختلف ڪتابن جي حوالن جي روشنيءَ ۾ ھتي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي موجودگيءَ کي ثابت ڪيو آھي ۽ ٻنھي قبيلن جي مختلف حڪمرانن جي زندگين ۽ ڪمن تي به ڪجهھ روشني وڌي اٿس.
ٻيو باب پينٽنگ جي ڪَلا جي تعارف ۽ طريقيڪار بابت آھي. ليکڪ ھن حصي ۾ ڪاڇي ۾ موجود مقبرن ، مسجدن ۽ ٻين اڏاوتن اندر ٿيل پينٽنگز جون خوبصورت تصويرون ڏنيون آھن؛ پوءِ ھن انھن تصويرن ۾ ٿيل ڪاريگري جي تشريح ڪئي آھي ۽ پڙھندڙن کي سمجھايو اٿس ته ، سنڌ جا مھا ڪَلاڪار اھڙي بھترين ۽ رَنگ بَرنگي پينٽنگ ڪيئن ۽ ڪھڙي نموني سان ڪندا ھئا. ڪتاب جي ھن حصي ۾ اَحدي فقير جي مقبري ، مير الھيار ٽالپر ( پھرئين) جي مقبري ، دائوءَ جي قُبن ، مريداڻي جمالين جي مقبرن ، قلندراڻي لغارين جي مقبرن ۽ سنڌ جي ڪاڇي واري علائقي ۾ موجود ڪجھه ٻين مقبرن جون تصويرون ڏئي ان ۾ استعمال ٿيل رنگن ۽ خوبصورت پينٽنگز بابت ڄاڻ ڏني وئي آھي.
ڪتاب جو ٽيون باب پينٽنگز ۾ ٿيل مذھبي عنصرن بابت آھي. ھن حصي ۾ڪجھه مذھبي اھڃاڻن جي پينٽنگز جون تصويرون ڏنل آھن. جن ۾؛ قلنداراڻي لغارين جي مقبرن ، جنگو خان جمالي جي قُبن ، دائوءَ وارن قُبن ، پَرياڻي پِيرن جي مقبرن ۽ جوھيءَ واري مندر جون پينٽنگز شامل آھن. انھن پينٽنگز جون تصويرون ھن موضوع کي سمجھڻ ۾ گھڻي مدد ڏين ٿيون.
چوٿون باب سنڌ جي لوڪ ڪٿائن جي پينٽنگز تي ٻڌل آھي. ھن حصي ۾ پھريان ت سنڌ جي لوڪ ڪٿائن جھڙوڪ ؛ ( جِنن ، ڀوتن ، پَرين ۽ بھادري جي قِصن) بابت ٻڌايو ويو آھي ، پوءِ سنڌ جي ڪاڇي ۾ موجود انھن اڏاوتن جون تصويرون ڏنيون ويون آھن ، جن ۾ اھڙين لوڪ ڪٿائن جون پينٽنگس ٺھيل آھن. اھڙين اڏاوتن ۾ ؛ شادڻ ڀرسان موجود مقبرن ، دائوءَ وارن قُبن ، ڊِگھ بالا وارن مقبرن ۽ جوھي شھر ۾ موجود شِو مندر واريون اڏاوتون شامل آھن.
پنجون باب ڪجهھ ڏند ڪٿائي پريم ڪھاڻين جي پينٽنگز بابت آھي. ڪتاب جي ھن حصي ۾ ليليٰ مجنون ، سسئي پنھون ، سھڻي ميھار ۽ مَل محمود مَيھرنِگار جي ڏند ڪٿائي پريم ڪھاڻين جي پينٽنگز جون تصويرون ڏنل آھن. ليکڪ جي تحقيق مطابق اھڙيون پينٽنگز ؛ مُريداڻي جمالين جي مقبرن ، جَلباڻي لغارين جي مقبرن ، دائوءَ جي قُبن ، مير الھيار ٽالپر ( پھرئين ) جي قُبي ۽ سنڌ جي ڪاڇي ۾ موجود ٻين ڪيترين ئي مقبرن ۾ چِٽيل آھن.
ڇھون باب سنڌ جي سماجي زندگي ۽ ثقافت بابت آھي ۽ ڪتاب جي ھن حصي ۾ انھيءَ موضوع سان لاڳاپيل پينٽنگز جون تصويرون ۽ سمجھاڻي ڏنل آھي.
ستين باب جو عُنوان ئي ” فطرت“ آھي ۽ ھن ۾ به انھيءَ موضوع جي مناسبت سان پينٽنگز جون تصويرون ۽ انھن جي سمجھاڻي ڏنل آھي.
جڏھن ته ھن ڪتاب جي اٺين ۽ آخري باب جو عُنوان ” گُلن واريون ۽ جاميٽريائي ڊزائنون “ آھي. ھن حصي ۾ به موضوع جي مناسبت سان قدرتي طور ڦٽل گُلن ، ٻوٽن ، وَلين ، ميون ، پوکن ۽ ھٿراڌو ٺھيل جاميٽرائي ڊزائنن جي پينٽنگز جون تصويرون ۽ انھن جي سمجھاڻي ڏنل آھي.
ھن ڪتاب جي سَرجڻ لاءِ ليکڪ ايڪاسي عدد ڪتابن جا حوالا ڪم آندا آھن، جن جي اُپٽار ھن پُستڪ جي آخر ۾ اَوَس ڏنل آھي. ان سان گڏ ڪتاب جي آخري صفحن تي ” ڏِسڻي“ ب موجود آھي. ٻ سئو اٺن صفحن تي ٻڌل ھي ڪتاب سنڌ جي مَھا ڪَلاڪارن جي ڪاريگريءَ کي پَسڻ ، پَرکڻ ۽ پَروڙڻ جو بھترين ذريعو آھي.
مٿي بيان ڪيل موضوعن ۾ جنھن جي به دلچسپي ھجي ، انھن کي ھي ڪتاب زندگيءَ ۾ ھڪ ڀيرو ضرور پڙھڻ گھرجي .