مُلڪي ترقي ۾ رنڊڪ بڻيل مافيائون

تحرير: گل سيوھاڻي

اسان جو ملڪ جيڪو پاڪ آستاني جي نالي سان وجود ۾ آيو هو، اھو ترقي ڇو نٿو ڪري …..؟ ھيءُ آھي اھو سوال جيڪو گذريل سالن کان وٺي اڄ تائين ڪروڙين عوام گھرن گھٽين ھوٽلن چوراھن روڊ رستن سفر ڪچھرين بيٺڪن ۽ ٻين جاين تي ھڪ ٻئي کان ڪري ٿو، ان سوال جو جواب مختلف پاسن کان ڏنو ويندو آھي ڪو چوندو آھي اسان جي ملڪ جو جيڪو سياستدان آھي اھو ڪرپٽ ترين آھي جيڪو ملڪ و قوم کان وڌيڪ پنھنجي ترقي ۽ خوشحاليءَ جو سوچيندو آھي جنھن جي ڪري اسان جي ملڪ ۽ قوم ترقي ناھي ڪئي،ڪو چوندو آھي ته اسان جي ملڪ جا جيڪي ادارا آھن انھن ادارن ۾ ويٺل ھڪ ته نااھل ڪامورن جي ڪيل رڪارڊ ڪرپشن جي ڪري به ملڪ و قوم ترقي ناھي ڪئي،ڪو وري عوام کي ڏوهي سمجھندو آھي ته پنھنجي ايماندار قيادت جي چونڊ بدران ساڳين ساڳين ڪرپٽ ترين اميدوارن کي پنھنجا قيمتي ووٽ ڏئي چونڊيندو رھيو آھي جنھن جي ڪري به ملڪ و قوم ترقي ناھي ڪئي.

ٻئي پاسي وري  اڪثر عوام ملڪ اندر احتساب جي ڪمزور نظام کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال ۾ رڪاوٽ قرار ڏنو آھي،سڀ اهي جواب پنھنجي پنھنجي جاءِ تي درست ھوندا پر جيڪو اصل ڪارڻ آھي اھو آھي ھن ملڪ جي مضبوط مافيائن جو ڪرپشن ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ جيڪي ڪثير تعداد ۾ پنھنجي پنھنجي پليت ارادن سان ۽ پنھنجي ذات جي مفاد ۾ ملڪ کي اڏوھي ۽ سري جيان کاڌو آھي جنھن جي ڪري ملڪ و قوم ترقي ۽ خوشحاليء کان محروم رھندي آئي آھي جڏهن ته اسان وٽ وسيلن جي ڪا به کوٽ ناھي. اسان جي ڌرتي قدرتي معدنيات سان مالا مال آھي. ڪھڙي قدرتي معدنيات ناھي جيڪا اسان جي ھن پاڪ سر زمين تي موجود ناھي،تيل گئس اسان وٽ،سون جھڙو ڪوئلو اسان وٽ آھي چن جو پٿر ۽ سنگ مرمر اسان وٽ آھي علاوه ان جي زراعت اسان وٽ آھي ته وڏيون ڍنڍون ڍورا ۽ چشما به اسان وٽ آھن باغات ۽ ميوات به اسان وٽ آھن ٻيلا ۽ ڏنڌو درياء به اسان وٽ آھي مگر ان معدنيات کي پنھنجي مفاد ۾ قطب آڻڻ واري جيڪا اسان وٽ شئي ناھي اھا اسان وٽ ايمانداري مخلصي ۽ سچائي ناھي.

اسان وٽ مخلص سچي قيادت ناھي اسان وٽ سرڪاري نجي ڪامورا ناھن وغيره وغيره ھن سمورن وسيلن کي ڪتب آڻڻ وارا جيڪي ادارا ۽ کاتا آھن انھن ادارن ۽ کاتن ۾ ويٺل ھڪڙي قسم جون مضبوط مافيائون ويٺل آھن انھن سمورين مافيائن جي ماءُ مافيا آھي اھا ئي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ڏانهن ويندڙ ھر رستي ۽ راھ ۾ رڪاوٽ بڻيل آھي ھونئن ته ملڪ جا جيڪي به منافي بخش ادارا ۽ کاتا آھن اھي سمورا کاتا ۽ ادارا ان مافيائن جي سڏجندڙ مافيا ماءُ وٽ رھيا آھن جيڪي ورھاڱي کان وٺي ھيل تائين رھندا پيا اچن،جنھن جي ڪري جيڪو به ان منافعي بخش ادارن ۽ کاتن مان منافو حاصل ٿيندو آھي اھو ملڪ ۽ قوم تي خرچ ڪرڻ بدران يا ملڪي خزاني ۾ جمع ٿيئڻ بدران اھو ان مافيا جي کيسن ۾ ويندو آھي جنھن جي ڪري به ملڪ ۽ قوم ترقي و خوشحاليءَ کان محروم رھندو آيو آھي.

انکان پوءِ ٻي جيڪا سڀ کان وڏي مافيا آھي اھا آھي ھن ملڪ ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزه ڪرڻ واري مافيا ھن مافيا رياست ۽ قوم کي سڀ کان وڏو نقصان رسايو آھي ھڪ ته کاڌي پيتي ۽ روز مرھ جي استعمال وارين شئين ۾ رڪارڊ ملاوٽ ڪري رياست ۽ عوام کي ڪمزور ۽ بيمار ڪيو ويو آھي. ڪھڙي شئي ناھي جنھن ۾ ملاوٽ نٿي ٿئي اڳي کير ۾ پاڻي ھاڻي پاڻي ۾ کير ڪيميڪل مان کير تيار ڪرڻ جي ملاوٽ مرچن ۾ اڳي سرون پيھين ملائيندا ھيا ھاڻي خبر ناھي ڪھڙي شئي پيھين ان سان گڏ ذائقي لاءِ ڪيميڪل ملائي وڪرو ڪيو پيو وڃي ڪڻڪ ۾ ڌوڙ ته چانورن ۾ پٿر ملايا وڃن ٿا گيھه ۾ گريس ته دالين ۾ ڌڌڙ ملائي وڃي ٿي مطلب اھڙي ڪا به شئي ناھي جنھن ۾ ملاوٽ نٿي ڪئي وڃي،ملاوٽ وارين شئين جي استعمال جي ڪري ھن رياست جو اڪثر غريب ۽ وچولي طبقي جو عوام سخت متاثر ٿيو آھي جنھن ۾ ذخيره اندوزي جي ڪري مسڪين غريب بي پھچ پورھيت طبقي جي عوام کان شئيون خريدڻ کان وڏيون ٿينديون رھيون آھن نمبر ٻه شئين ۾ ملاوٽ ۽ واپرائڻ سبب ساڳيو مسڪين غريب بي پھچ پورھيت عوام سخت متاثر ٿيو آھي جيڪو جڏھن به بيمار ٿيندو آھي ته وري ھڪ ٻي مافيا دوا ساز ڪمپني جي ور چڙھندو آھي. اھي دوا ساز ظالم ڪمپنيون ايترو ته انسان دشمن ثابت ٿيون آھن جو چند ٽڪن جي فائدي خاطر انساني جانين کي بچائڻ وارين دوائن ۾ به ملاوٽ ڪري وڪرو ڪري رھيون آھن.

ھن مافيا ته ملڪ جي اڌ آبادي کي اپھاج ۽ بيمار ڪري رکيو آھي باقي جيڪا اڌ آبادي آھي اھا ھڪ ته ملاوٽ ساز ڪمپنين جون دوائون اول ته گھٽ استعمال ڪندي ھوندي ڀلا جي ڪندي به ھوندي ته ھن وٽ اهترا وسيلا موجود ھوندا ته ھو ڦھلجندڙ ھرھڪ ننڍي کان ننڍي وڏي کان وڏي بيماريءَ جو مھانگو علاج به ڪرائڻ جي سگھ رکندي ھوندي انکان پوء ٻي جيڪا مافيا آھي اھا آھي آئل گيس تي جوڙيل (اوگر) نالي ھڪڙو ادارو،اوگرا جنھن جو پورو نالو آھي آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي ھيءَ ادارو تيل ۽ گئس جي ملھن جو ھر 15 ھين ڏينھن تعين ڪري عوام کي خريد ڪرڻ جو پابند بڻائي ٿو ھر پنڌرھين ڏينھن ۾ ھيء ادارو ان پيٽرول گئس ڪمپنين جي مافيائن سان ملي ڪري تيل گئس جا ملھه طئي ڪري ٿو جنھن ۾ ان مافيائن کي اڳواٽ تيل گئس جي قيمتن ۾ گھٽ وڌائي تي آگاھ ڪري ٿو جنھن جو فائدو وٺندي اھي تيل گئس واريون مافيائون ڀرپور فائدو وٺنديون آھن جيڪڏھن تيل گئس جي قيمتن ۾ گھٽتائي اچڻي ھوندي ته ھو تيل گئس جو اسٽاڪ گھٽ ڪندا آھن ۽ جيڪڏھن تيل گئس جي ملھن کي آسمان تي پھچايو ويندو آھي ته ھو اڳواٽ تيل گئس جو ذخيرو ڪري وٺنديون آھن جنھن جو سڌو سنئون بار وزن رياست جي عوام تي پوندو آھي.

ھن مافيا سان گڏ گڏ ھڪ ٻي مافيا به آھي اھا آھي ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙ مافيا جيڪا غريب عوام کان ٽيڪس ته اوڳاڙي ڪندي آھي پر امير کان امير ترين کي ڳري رشوت عيوض ڇوٽ ڏيندي آھي جنھن جي ڪري به ملڪ ۽ قوم ترقيءَ کان محروم رھندي آئي آھي اھڙي طرح ٽرانسپورٽ به ھڪ وڏي مافيا آھي جنھن ۾ ملڪ جا وڏا وڏا امير ترين شاھوڪار ماڻھون ملوث آھن ھڪ ننڍڙي مسافر ويگن گاڏيء کان وٺي بس ڪوچ تائين ۽ ھڪ پڪپ ڊاٽسن کان وٺي 16 ويلر مالبردار ٽرالر تائين جي ھڪ ھڪ گاڏي به ان امير ترين شاھوڪار مافيا جي ھوندي آھي جيڪا تيل جي قيمتن ۾ واڌ اچڻ سان ھڪدم ڀاڙن ۾ واڌ آڻي ڇڏيندي آھي ۽ جڏھن تيل جي قيمتن ۾ لاٿ ايندي آھي ته ڀاڙن ۾ ھڪ روپيو به لاٿ ناھي آڻيندي ھن مافيا سان گڏ ھڪڙي ٻي سلھاڙيل سرڪاري ڪامورن تي مشتمل به وڏي مافيا شامل ھوندي آھي جيڪا ھن کان ڀاڙن جي واڌ عيوض ايڪشن نه وٺڻ جي رشوت وٺندي آھي جنھن جي عيوض عوام جي دانھن ڪوڪن جي ڪا به داد رسي ناھي ڪئي ويندي.

اھڙي طرح ملڪ اندر اھڙيون ٻيون به کوڙ ساريون مافيائون آھن جيڪي بطور بروڪرس عيوض ڪڪ بيڪ ۽ بروڪري ذريعي رشوت وٺي رياست ۽ عوام کي ترقي ۽ خوشحاليءَ کان پوئتي ڌڪينديون رھيون آھن، ھن سمورين مافيائن جو ھڪڙو ئي سبب آھي ته ھن ملڪ ۾ ڪڏھن حقيقي جھموريت قائم ناھي ٿي سگھي.

جيستائين اسان جي ملڪ اندر حقيقي جھموري حڪومت قائم نه ٿيندي تيستائين نه رياست ترقي ڪندي نه وري قوم خوشحال ٿيندي اچو ته حقيقي جھموريت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪريون جنھن ۾ اسان جو جيڪو مطالبو رھيو آھي اھو آھي ته ملڪ اندر صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن جيستائين ملڪ اندر اھي مافيائون فعال ۽ سرگرم رھنديون تيستائين نه صاف شفاف اليڪشن ٿيندي جھموريت قائم ٿيندي ۽ نه ئي اسان جو ملڪ ترقي ڪري سگهندو.

جيستائين اسان جي ملڪ اندر حقيقي جھموري حڪومت قائم نه ٿيندي تيستائين نه رياست ترقي ڪندي نه وري قوم خوشحال ٿيندي اچو ته حقيقي جھموريت قائم ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪريون جنھن ۾ اسان جو جيڪو مطالبو رھيو آھي اھو آھي ته ملڪ اندر صاف شفاف چونڊون ڪرايون وڃن جيستائين ملڪ اندر اھي مافيائون فعال ۽ سرگرم رھنديون تيستائين نه صاف شفاف اليڪشن ٿيندي جھموريت قائم ٿيندي ۽ نه ئي اسان جو ملڪ ترقي ڪري سگهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.