غير قانوني پرڏيهين کي ڏنل مھلت جا باقي ڪجهه ڏينھن

نگران حڪومت پاران غير قانوني طور ملڪ ۾ رهندڙ غير ملڪي ماڻھن کي ملڪ مان نڪري وڃڻ لاءِ جيڪا ھڪ مھيني جي مھلت ڏني آھي، اھا ايڪٽيھه آڪٽوبر 2023ع تي پوري ٿيندي، جنھن ۾ رڳو يارنھن ڏينھن  باقي بچيا آھن پر افغانين سميت ٻيا غير ملڪي پنھنجي ڏيھه ڏانھن ورڻ لاءِ تيار نظر نٿا اچن ۽ اھي اڄ به بي کٽڪو بڻجي پنھنجي روز مره جي ڪمن ڪارن ۾ اھڙي طرح مگن ۽ مصروفِ عمل ڏسڻ ۾ اچي رھيا آھن، جيئن گذريل ڪيترن ئي سالن ۽ نگران حڪومت جي قائم ٿيڻ کان اڳ ۾ نظر ايندا ھئا.

ھاڻ اھا ڳالهه ڪنھن کان به ڳجهي ناھي رھي ته ملڪي معيشت تباھ ۽ برباد ٿي چڪي آھي ۽ ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي ويجھو پھچي چڪو آھي. پاڪستان ۾ انڊيسٽريز بند ۽ ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ٿي رھيون آھن. ھتان جو عوام بيروزگاري، مھنگائي ۽ بدامني سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏيڻ تي مجبور بڻجي ويو آھي. دنيا ۾ اھڙيون بدتر ۽ ڳنڀير حالتون رڳو جنگ زده ملڪن ۾ پيدا ٿينديون آھن. خوش قسمتي سان ويجھڙ ۾ پاڪستان ۾ ڪا جنگ ته ناھي لڳي پر بدقسمتي  اھا آھي ته اسان جو ملڪ  سدائين جنگ جھڙن بحرانن جي ئي ور چڙھيل رھيو آھي.

پاڪستان ۾ رھائش پذير لکين غير قانوني غير ملڪي نه رڳو ملڪي معيشت تي بار بڻيل آھن پر اھي اسمگلنگ، منشيات فروشي، ڪرمنل ۽ تخريبي سرگرمين ۾ پڻ ملوث آھن. آمريڪا ۔ افغان جنگ کان پوءِ ملڪ ۾ جيڪا بدامنيء جي لھر اٿي ھئي، اھا اڄ به جيئن جو تئين برقرار آھي، جنھن سبب ھتان جا سوين ماڻھون اجل جو شڪار ٿي چڪا آھن، جنھن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪڏھن به امن، سڪون ۽ خوشحالي ناھي رھي.

تعجب جھڙي ڳالهه اھا آھي ته افغانستان جھڙو غير زرعي، غير درياھي ۽ غير جمھوري ملڪ، جنھن جنگ کي منھن پڻ ڏنو ۽ تباھ ٿيو. مڙني بحرانن مان نڪري پاڻڀرو ٿي چڪو آھي ۽ جتي افغان ڪرنسي ڏينھون ڏينھن مستحڪم ٿي رھي آھي پر پاڪستان اڃان تائين خود ڪفيل ٿي ناھي سگھيو. جيڪو آءِ ايم ايف جي قرض جي سھاري تي ھلي رھيو آھي ۽ آءِ ايم ايف جي ڳرن  شرطن کي قبول ڪري ھڪ اھڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي  چڪو آھي، جتان جيڪڏھن نڪري به سگھيو ته  اھو  ڪو معجزي کان گھٽ نه ھوندو.

اھڙي صورتحال ۽ معاشي بدحالي جي ور چڙھيل ڪو ملڪ ڀلا لکين غير ملڪين جو بار ڪيئن ٿو کڻي سگھي؟ جتي روزگار جا وسيلا ڏينھون ڏينھن محدود ۽ بند ٿي رھيا آھن. اھا ڳالهه گڏيل قومن جي سربراھن کي پڻ سمجھڻ گھرجي، جيڪي نگران حڪومت تي غير قانونين خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي دٻاءُ وجھي رھيا آھن.

نگران حڪومت پاران افغانين سميت ٻيا اھي پرڏيھي  جيڪي ملڪ ۾ نه رڳو غير قانوني ترسيل آھن پر  ڪاروبار پڻ ڪري رھيا آھن. کين ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ وٺ پڪڙ شروع ڪئي ته اھي پنھنجا گھر ۽ ڪاروبار عارضي طور بند يا ٻين جي حوالي ڪري ملڪ جي مختلف سياحت وارن علائقن ۾ سياحن جو روپ ڌاري روپوش ٿي ويا آھن پر کين اھا اميد آھي ته اھو معاملو جلد سرد مھري جو شڪار ٿي ويندو، ڇو ته ھتي ھر معاملي ۾ اڪثر ايئن ئي ٿيندو رھيو آھي.

سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات سميت دنيا جي ڪنھن به ملڪ ۾ جيڪڏھن ڪو شھري ڪنھن غير قانوني شخص جي ڪا اخلاقي مدد ڪندو يا کيس پناھ وغيره ڏيندو آھي ته ان خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي آھي ۽ مٿس ڀاري ڏنڊ وڌو ويندو آھي پر پاڪستان ۾ ته گنگا ئي ابتي وھي رھي آھي، ڇو ته ھتي جڏھن ملڪ ۾ غير قانوني ترسيل ماڻھن کي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ته نه رڳو مذھبي پر سياسي جماعتن طرفان به سخت ردِعمل سامھون آيو آھي، جيڪا ڳالهه اچرج جھڙي آھي، ڇو ته ھتي سياسي جماعتن کي ملڪي مفادن جي بدران پنھنجا سياسي مفاد عزيز آھن.

تازو افغاني اسمگلرن جي طرفان جي ھڪ مبينه ڌمڪي گاڏڙ بيان ميڊيا جي زينت بڻيو آھي. جنھن ۾ ملڪ جي ھڪ طاقتور اداري جي سربراھ سان ڪن ماڻھن مخاطب ٿيندي چيو ويو آھي ته پاڪستان ۾ ڊالر جو اگھه ٻيھر وڌندو، جنھن کي اوھان سميت ڪير به روڪي نٿو سگھي. حيرت جي ڳالهه اھا آھي ته ان قسم جي ڏنل ڌمڪي گاڏڙ بيان جي ٻئي ڏينھن تي ڊالر جو اگھه چار رپيا وڌي ويو آھي.

ان ڳالهه مان ئي اندازو ڪري سگھجي ٿو ته ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ غير معمولي قوتون سرگرم آھن ۽ انھن جا سھولتڪار ملڪ ۾ غير  قانوني مقيم عنصر آھن. نه رڳو ايترو پر پاڪستان کي عالمي سطح تي بدنام ۽ اڪيلو ڪرڻ جي مھم پڻ ھلندڙ آھي. تازو سعودي عرب ٻارنھن ھزارن کان وڌيڪ افغان شھرين جا جعلي پاسپورٽ بطور ثبوت پاڪستان جي سفارت خاني ۾ جمع ڪرايا آھن، جن جو رڪارڊ خراب ھو، جيڪي مختلف ڏوھن ۾ ملوث ھا.

ضرورت ان ڳالهه جي آھي ته غير قانوني غير ملڪين کي ملڪ مان ڪڍڻ لاءِ ڀرپور ايڪشن ڪيو وڃي ۽ سندن مستقل طور رستا روڪ ڪئي وڃي، پھرين مرحلي ۾ نگران حڪومت پنھنجي مدي ۾ غير ملڪين کي پنھنجي پنھنجي ڏيھه موڪلي ۽ ايندڙ حڪومتي سيٽ اپ اسيمبيلي مان قانون سازي ڪري غير ملڪين جي ملڪ ۾ غير قانوني طور رھڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۽ جائداد خريد ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ته جيئن ملڪ گھڻ رخي مسئلن کان محفوظ رھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.