نواز شريف جي واپسي ۽ آصف زرداري کي مليل نياپو

تحرير: سڪندر چنو

اٽلي جي سسيلن مافياز جي اڳواڻ تي جڏهن به ڪو ڏکيو وقت ايندو هو ته هو حڪومت کان پاڻ کي پڪڙ کان بچائيندي زمين اندر وڃي لڪندو هو. پر زمين اندر رهندي به پنهنجيون سرگرميون جاري ۽ ساري رکندو هيو ۽ سندس ڪاري ڌنڌي وارو ڪاروبار جيئن جو تيئن هلندو هيو. جڏهن به حڪومت ان مافياز جي بادشاهه کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ ڪو آپريشن ڪرڻ جو سوچيندي هئي ته قانون جا رکوالا ئي سندس کي اڳواٽ اطلاع ڏيندا هئا ته ڦلاڻي ڏينهن تنهنجي خلاف آپريشن ٿيندو. ان ڪري پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪو هٿ پير هڻي ڇڏ. پر مافياز وڏو ڊان هيو ان ڪري جيڪو به آفيسر سندس خلاف آپريشن ڪرڻ جو سوچيندو هيو ان جي اهڙي ته حالت ڪئي ويندي هئي جو ٻيهر اهو آفيسر سندس خلاف آواز اٿارڻ جي قابل ئي نه رهي. حڪومت ۾ موجود حڪومتي ڪارندا ان کي بچائڻ لاءِ ايترو ته سرگرم ٿي ويندا هئا جو ان کي بچائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ ڀڄڻ  لاءِ جهاز جي ٽڪيٽ به بوڪ ڪرائي ڏيندا  هئا. بلڪل ائين جيئن ملڪ رياض جا پاڪستاني سياستدان ۽ آفيسر قرضي هوندا آهن. مافياز جو سربراهه مٽيو مينسا ويناره پنهنجي اڌ عمر جي جواني رپوشيءَ ۾ گذاري ڇڏي جڏهن به هو پنهنجي لڪزري گاڏين ۾ ايندو هيو ۽ سندس مارجو ماريل عوام سندس استقبال لاءِ ايندو هيو ته ان مافياز جي اڳواڻ ڪڏهن به انهن کي ڏسندي وڪٽري جو نشان نه ڏيکاريو. ان کي گلن جي ورکان پسند نه هوندي هئي. وڏن محلاتن ۾ رهڻ جو شوق نه هيو هن پنهنجي سموري زندگي سادگي ۾ گذاري پر شراب ولايتي واپرائيندو هيو. وڏي ڳالهه ته ان کي دولت وسيلي اقتدار حاصل ڪري وزيراعظم يا صدر ٿيڻ  جو به شوق نه هيو. هو بادشاهه گر هيو ٻين کي بادشاهه بنائڻ تي خوش ٿيندو هيو. پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن کي هميشه سياست کان پري رکيو. اهو مافيا ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هيو ته هو هن دنيا ۾ ڇا ڪرڻ آيو آهي؟ مار ڌاڙ، ۽ حرام جي ملڪيت ٺاهڻ لاءِ؟

اڄ به دنيا جي هر ملڪ ۾ سسلين مافياز جو نيٽ ورڪ موجوده آهي. ان مافياز ۾ هر ملڪ جا اعليٰ خاندان جا ماڻهو، سياسي شخصيتون، سفارتڪار، بيوروڪريٽ ۽ ڪاروباري شخصيتون شامل آهن، جن جا اڪثر طور مفاد گڏيل هوندا آهن سڀني وٽ غير معاشي سرگرمين وسيلي حاصل ڪيل دولت جا انبار آهن. ان کان علاوه سڀني وٽ ڪيترن ئي ملڪن جي شهريت به آهي. جيڪڏهن هڪ ملڪ سندن خلاف حرڪت ۾ ايندو آهي ته ٻيو ملڪ سندن کي تحفظ ڏيندو آهي ۽ ڪيسن مان سندن کي ائين ٻاهر ڪڍيو ويندو آهي جيئن اسين مکڻ مان مک کي ڪڍي ڇڏيندا آهيون. سندن جي ضبط ٿيل ڏوڪڙ ۽ جائدادون کين واپس ملي وينديون آهن. انهن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ صاف رستو ۽ موقعو ڏنو ويندو آهي ته جيئن اهي ٻيهر ملڪ مان ڦر لٽ ڪري وري با آساني سان ملڪ مان ٻاهر نڪري ڀڄي وڃن. اسان جي ملڪ سان به سسلين وارو ورتاءُ آهي. ملڪ کي وڌيڪ قرضن ۾ ٻوڙيو ويندو آهي. مافياز لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ ان کي مضبوط ڪرڻ شامل آهي.

سسلين مافياز اڳواڻ مٽيو منياره ٽن سالن تائين روپوش رهيو جنوري 2023 ۾ ان کي گرفتار ڪيو ويو ان کان پوءِ بيمار رهيو ۽ عليل ٿي ويو. سندس جي دولت سندس جي دشمن ۽ ان کي بچائي به نه سگهي.نيٺ اٽليءَ جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويون وڃي مٽي ءَ سان مليو. اسپين جي اقتدار تان هٽايل بادشاهه ڪارلوس جڏهن تخت ۽ تاج تان کيس لاٿو ويو ۽ پوءِ ان اسپين ۾ رهڻ بدران جلاوطني واري زندگي گذاري. 2020 ۾ دبئي جي رياست ابو ظهبي ۾ ترسيل هيو. سندس عمران وقت 85 سال هئي. پر اقتدار جو نشو ئي پنهنجو آهي هو چاهي پيو ته اڃان وڌيڪ اقتدار ماڻي ۽ اقتدار جي حاصلات لاءِ خواهشون سندس دل ۾ ڀڙڪي رهيون هيون. ڪارلوس ڪيترن ئي ڪرپشن جي اسڪينڊلن ۾ به ملوث رهيو. پر هو هڪ ڊيل تحت ملڪ کان فرار ٿيو. جلا وطني دوران ڪارلوس پنهنجي ويجهن دوستن ۽ ڪارندن سان رابطن ۾ رهيو. اسپين جي عوام جو خيال هيو ته ڪارلوس لاءِ اقتدار ته پري جي ڳالهه آهي پر هو شايد هاڻي ملڪ اسپين ۾ نه اچي سگهي. پر ڪارلوس سڀني اندازن ۽ وسوسن کي غلط ثابت ڪيو. ڪارلوس جلا وطني ختم ڪندي اسپين به پهچي چڪو آهي ۽ ايندڙ لاءِ حڪمت علي جوڙي رهيو آهي.

ڏٺو وڃي ته جيئن مڇي پاڻيءَ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهي ائين جيڪو اقتدار جو مزو ماڻي ٿو ان کي سرڪاري پروٽوڪل کان سواءِ رهڻ ڪونه ٿو اچي. جلد ڪارلوس اقتدار ۾ ايندو ان کي آسماني مخلوق کان مدد به ملي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته انهن سان سمورا معاملا ٺيڪ ڪرڻ کان پوءِ ڪارلوس ملڪ وريو آهي ورنه ان مخلوق جي راضپي کان سواءِ ڪيئن اسپين اچي سگهي ها؟ ڪارلوس جا سڀ گناهه ڌوئي صاف ڪيا ويندا ان کي ملڪ جو مسيحو قرار ڏنو پيو وڃي. سندس جسم جيڪو ڪرپشن وسيلي ڪارو ٿي ويو هيو ان کي عطر خوشبو سان ڌوئي صاف ڪيو ويندو. اهو ڪم تنهنجو منهنجو ناهي پر جن ان کي آشيرواڌ ڏئي واپس گهرايو آهي. انهن جو ڪم آهي. ڪارلوس جيڪو مافياز جو شراڪت دار هيو اڄ کير مان ڌوتل آهي. جلد اهيو به اعلان ڪيو ويندو ته ڪارلوس مٿان لڳايل ڪرپشن جا سڀ الزام بي بنياد هئا. هيءُ بي گناهه ۽ سچو آهي. ڪارلوس کي ٻڌايل سزا به معاف. اهم ترين دستاويز به غائب ڪيا ويا. ان خلاف واعدا معاف گواهه به ڦري ويا.

پاڪستان ۾ به اهڙو ئي ڪارلوس پاڪستان پهچڻ وارو آهي. ان مٿان به ڪرپشن جا الزام آهن ۽ دستاويز تي ٻاهر نڪري وڃڻ ۽ عياشيون ڪرڻ کان پوءِ ملڪ اچي رهيو آهي سندس استقبال عوام ڏسي ٿو.  عدالتن نواز شريف کي سسلين سان مشابهت ڏني. هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته جيڪو نواز شريف جو استقبال ڪندو ان کي حج جيترو ثواب ملندو؟ وري ڪجهه ن ليگي چون ٿا ته جيڪو ماڻهو نواز شريف جو استقبال ڪندو ان کي جنت جي ٽڪيٽ ملندي. پاڻ کان ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. ڏٺو وڃي ته جنت جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارا ماڻهو گهٽ ۽ ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ جي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ وارا وڌيڪ آهن. سسلين مافيا ڪيترو نه عظيم انسان هيو ان گهڻو ڪجهه غلط ڪيو پر جنت جي ٽڪيٽ نه کپائي سگهيو.

هاڻي عوام جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن اُهي اِهي ته پي ڊي ايم حڪومت دوران آصف زرداري اسٽيبلشمينٽ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي اعلان ڪيو هيو ته جيڪڏهن سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ته هو 100 ارب ڊالر ٻاهران آڻي ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي ايندو. توڻي جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ نواز شريف اهڙو اعلان نه ڪيو آهي پر اندر ئي اندر اهڙي ڳٺ جوڙ ضرور ٿي آهي. نواز شريف 100 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو ان لاءِ نواز شريف طاقتور ملڪن کان ضمانتون به ورتيون هونديون ته ان کي با اختيار وزيراعظم بڻايو ويندو. ڇاڪاڻ ته نواز شريف وٽ زرداري کان وڌيڪ پارٽيءَ ۾ انويسٽ ڪندڙ انويسٽر موجود آهن. جيڪي نواز شريف کي اربين ڊالرن ڏيندا. لڪ ڇپ ۾ پوءِ اهي ان کان وڌيڪ رقم ٻاهر ڪڍي وٺندا. زرداري وٽ ان جي مقابلي ۾ انويسٽر تمام ٿورا آهن.

بحرحال جيڪا اسلام آباد ۾ ايندڙ اليڪشن جي کڇڻي پچي رهي آهي جنهن لاءِ زرداري کي طاقتور حلقن ملڪي سياست ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نياپو ڪيو ويو آهي ۽ ايندڙ سيٽ اپ ۾ آصف زرداري ملڪ جو پاورليس يعني بي اختيار صدر ٿي سگهي ٿو. ۽ وزيراعظم نواز شريف. پر سوال اهيو به آهي ته ووٽ ڏيڻ دوران اندر بوٿ ۾ ووٽر اڪيلو  بيلٽ پيپر تي ٺپو هڻندو ته پوءِ ان ووٽر جي سوچ ۽ نفسيات کي ڪير روڪيندو جيڪو تحريڪ انصاف کي ڏيڻ چاهيندو؟

هاڻي عوام جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن اُهي اِهي ته پي ڊي ايم حڪومت دوران آصف زرداري اسٽيبلشمينٽ کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪندي اعلان ڪيو هيو ته جيڪڏهن سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم ٿيندو ته هو 100 ارب ڊالر ٻاهران آڻي ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي ايندو. توڻي جو وزيراعظم ٿيڻ لاءِ نواز شريف اهڙو اعلان نه ڪيو آهي پر اندر ئي اندر اهڙي ڳٺ جوڙ ضرور ٿي آهي. نواز شريف 100 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.