ڊائو يونيورسٽي ۾ صحت جي شعبي ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي ويهين هيلٿ ايشيا نمائش لڳائي وئي.
نمائش ۾ دائو يونيورسٽي جي ڏهه ادارن پاران مفت شگر ٽيسٽ سميت تيرهن مختلف اسٽال لڳايا ويا، جن تي ماڻهن جي وڏي رش رهي.
نمائش دوران ڊائو جي اسڪل ڊولپمينٽ سينٽر جي شاگردن پاران تيار ڪيل ليب ڪوٽس ۽ ٻيا ڪپڙا پڻ عوام جي ڌيان جو مرڪز رهيا.
ان موقعي تي ڊاڪٽر ممتار بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ دل جي سرجري، جگر، گردن ۽ بون ميرو ٽرانسپلانٽ سميت مختلف بيمارين ۾ مبتلا مريضن جي خدمت جون سهولتون آهن
هن چيو ته ڊائو يونيورسٽي پنهنجي مختلف ٽيسٽن جي فيس ۾ رعايت ڏيندي آهي، اسان جو مقصد عوام کي علاج جون وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ آهي.
You might also like