ڪوئٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي علائقي وڍ ۾ بدامني خلاف بلوچستان نيشنل پارٽي جي سڏ تي معصوم ٻارڙن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته هڪ منظم سازش تحت صوبي جي سڀ کان وڏي قومي پارٽي بي اين پي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل جو سياسي رستو روڪي کيس قبائلي دشمني ۾ ڦاسايو ويو آهي. مظاهرين چيو ته ٻن مهينن کان علائقي ۾ جنگ جو ماحول پيدا ڪري هڪ منظم سازش تحت قومي شاهراهه تي مسافر گاڏين تي فائرنگ ڪري ڪيترائي ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن.بي اين پي پاران دالبندين پريس ڪلب اڳيان به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ سوين ٻارڙن شرڪت ڪئي. مظاهرين جو چوڻ هو ته وڍ جو مسئلو سياسي آهي، پرامن طريقي سان حل ٿيڻ گهرجي، طاقت جو استعمال مسئلي جو حل ناهي، ان سان بلوچستان جون حالتون خراب ٿينديون.مظاهرين چيو ته سردار اختر مينگل جو قصور صرف اهو آهي ته هو بلوچستان جي مظلوم عوام جي حقن لاءِ ڀرپور آواز اٿاري رهيو آهي.