غيرقانوني پرڏيهين بابت شماريات کاتي جا انگ اکر حيران ڪندڙ، ڌرتي ڌڻين جا خدشا درست ثابت

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) شماريات کاتي سموري سنڌ کي حيران ڪري ڇڏيو، سياستدان جا خدشا سچ ثابت ٿيڻ لڳا.

ذريعن موجب سنڌ ۾ لکين افغاني موجود آهن جن ۾ ڪيترائي ئي افغان سٽيزن ڪارڊ ۽ پاڪستان  رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ موجب ترسيل آهن ته ڪيترائي ئي افغاني توڙي ٻيا غير قانوني طور ترسيل پناهگير لکن ۾ ٻڌايا وڃن ٿا.

تازو ئي افغاني مهاجرن کي ڏنل الٽيميٽم ۾ 15 باقي ڏينهن بچيا آهن جڏهن ته ڪيترائي افغاني گذريل 14 ڏينهن اندر ملڪ ڇڏي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ئي روزانو بنياد تي بسون ڀري افغانستان روانو ٿين پيا. تازو گهرو کاتي سنڌ جي هڙني ڪمشنرز کي غير قانوني طور ترسيل ماڻهن کي بارڊر تائين ڇڏي اچڻ جا خرچ پڇي ورتا آهن جنهن ۾ شماريات کاتي جا تفصيل به موڪليا ويا آهن جنهن  ۾ حيرت جي ڳالهه سامهون آئي آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ غير قانوني طور ترسيل سمورا غير ملڪي صرف 164948 ٻڌايا ويا آهن.

جاري ڪيل انگ اکرن موجب ڪراچي جي هڙني ضلعن ۾ غير قانوني طور ترسيل  افغانين جو انگ 118638 آهي جڏهن ته 21297 بنگالي، 611 چيني ۽ ٻين غير ملڪين جو انگ 24402 ڄاڻايو ويو آهي.
ياد رهي ته پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي ڊجيٽل آدمشماري تي اعتراض واريندي هڪ بيان ۾ چيو هو ته سنڌ اندر  25 لک غير قانوني طور ترسيل پرڏيهي آهن. ٻنهي خبرن کي ڏسندي شماريات کاتي جي انگ اکرن موجب غير قانوني طور ترسيل مهاجر نه هجڻ برابر نظر اچن ٿا.

غيرقانوني پرڏيهين جي نيڪالي جو پلان تيار

 سنڌ ۾ غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي نيڪالي جو پلان تيار، سنڌ جي گهرو کاتي پاران صوبي جي سمورن ڪمشنرز کي خط.

خط  ۾ لکيو ويو ته سنڌ ۾ غير قانوني ڌارين جي واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. خط ۾ غير قانوني مهاجرن جي ڊيٽا ۾ افغاني، بنگالي، چيني ۽ ٻين جا انگ اکر شامل آهن.

خط موجب پهرين مرحلي ۾ افغانين کي چمن بارڊر تي پهچائڻ واري پلان تي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، غيرقانوني طور ترسيل پرڏيهين جي واپسي لاءِ خرچن جو ڪاٿو لڳايو وڃي، چمن بارڊر تي بسن جي سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مهاجرن جي واپسي لاءِ چمن بارڊر تائين بسن جي خرچن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ به چيو ويو آهي.

خط ۾ لکيو ويو ته غيرقانوني طور ماڻهون کي بارڊر تائين پهچائڻ ۾ سڪيورٽي تي ايندڙ خرچن جو به اندازو لڳايو وڃي ۽ ٻين ممڪن خرچ جو به ڪاٿو لڳائي خرچ طئي ٿيڻ گهرجن.

شماريات کاتي جي انگ اکرن تي سوشل ميڊيا تي تنقيد

شماريات کاتي جي جاري ڪيل غير قانوني طور ترسيل پرڏيهين جي انگ اکرن تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.

سينيئر صحافين توڙي سوشل ميڊيا واهپيدارن  سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوسٽ شيئر ڪندي نظر اچن ٿا جڏهن ته نوجوان طبقو پڻ اهڙي انگ اکرن تي مذاق اڏائي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.