اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) نگران وفاقي سرڪار پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پيٽرول في ليٽر 40 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
اوگرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي في ليٽر قيمت 283 رپيا 38 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي،هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو نئون اگهه 303 رپيا 18 پئسا ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته حڪومت هر 15 ڏينهن کانپوءِ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن جو تعين ڪندي آهي.